Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تون عئي شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪجانءِ جيئن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ، پر هن دفعي اوهين انهي جي لٽ جو مال ۽ چوپايو مال ڀلي پنهنجي لاءِ رکجو. شهر تي قبضي جي لاءِ اوهين انهيءَ جي پٺيان لڪي تيار ٿي ويهجو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 8:2
27 Iomraidhean Croise  

انهيءَ وچ ۾ يربعام يهوداہ وارن جي پٺيان لڪ ڇپ ۾ ڪجھہ لشڪر ڦيرائي آندو، جڏهن تہ باقي لشڪر ابياہ جي لشڪر اڳيان بيٺل رهيو.


جيئن ئي هنن ڳائڻ ۽ واکاڻ ڪرڻ شروع ڪئي، تيئن خداوند دشمنن جي لشڪر ۾ ٿرٿلو وجھي ڇڏيو ۽ هو هڪٻئي جي خلاف ٿي ويا.


بيشڪ هر انسان پاڇي وانگر گم ٿيو وڃي. هو جيڪا بہ جاکوڙ ڪري ٿو سا بلڪل بي‌فائدي آهي. هو مال پٺيان مال تہ گڏ ڪندو ٿو رهي، پر اها خبر ڪين اٿس تہ اهو ڪنهن جي ملڪيت ٿيندو.


نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.


ايماندار ماڻهن تي خدا بي‌انداز برڪتون نازل ڪري ٿو، مگر بي‌ايمان ماڻهو، جيڪي جلدي دولتمند ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، سي سزا کان بچي نہ سگھندا.


جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا، سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو، پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن. ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.


بابل جي ڀتين جي سامهون حملي لاءِ جھنڊو کڙو ڪريو. پهري واريون چونڪيون مضبوط ڪريو، تاڙ رکندڙ مقرر ڪريو، حملي لاءِ لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو.“ بيشڪ خداوند پنهنجو مقصد ضرور پورو ڪندو، جيڪو هن بابل وارن جي خلاف رٿيو آهي.


رڳو چوپايو مال ۽ هٿ ڪيل شهرن جي لُٽ جو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو.


پر عورتون، ٻار، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر جو لُٽ وارو مال هجي، سو اوهين پنهنجي لاءِ رکجو. اوهان جي دشمنن جي لُٽ جو مال جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي، سو اوهين ڀلي پنهنجي ڪتب آڻجو.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ’هن کان نہ ڊڄو. مون هن کي، سندس سڀني ماڻهن کي ۽ سندس سڄي ملڪ کي توهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. توهين هن سان بہ ائين ئي ڪجو جيئن توهان امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو.‘


يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق ٻڌو تہ يشوع عئي شهر هٿ ڪري ورتو آهي ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس ۽ جيئن هن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو، تيئن ئي عئي شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو اٿس. هن هي بہ ٻڌو تہ جِبعون جي رهاڪن بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي ۽ انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ ئي پيا رهن.


انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


انهن شهرن جو چوپايومال ۽ ٻيو لٽ جو مال بني اسرائيل پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو. پر سڀني ماڻهن کي هنن تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.


هنن شهر اندر سڀني مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کي تلوار جي ڌار سان فنا ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو ڳائومال، رڍون ۽ گڏهہ بہ ماريائون.


يشوع اٽڪل پنج هزار ماڻهن کي شهر جي اولهہ طرف، بيت‌ايل ۽ عئيءَ جي وچ ۾ لڪائي ويهاريو.


جڏهن عئيءَ جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تڏهن هو پاڻ ۽ سندس شهر جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿي تڙ‌تڪڙ ۾ تياري ڪري اردن ماٿريءَ جي سامهون بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. پر کين اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان بہ لڪا ويٺا آهن.


جيئن ئي هن هٿ ڊگھيڙيو تہ سڀ لڪل ماڻهو هڪدم پنهنجين جاين تان نڪري پيا ۽ ڊوڙي وڃي شهر تي قبضو ڪيائون ۽ فوراً انهيءَ کي باهہ ڏنائون.


بني اسرائيل بيابان ۾ ئي عئيءَ شهر جي انهن سڀني ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو جن سندن پيڇو ڪيو هو. پوءِ هو عئيءَ شهر ڏانهن موٽيا ۽ اتي باقي بچيل ماڻهن کي پڻ تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون.


سو يشوع ۽ سندس سڀ جنگي مرد عئي شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. يشوع ٽيهہ هزار بهادر جنگي جوان چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي رات جو روانو ڪيائين.


تڏهن اوهين پنهنجي لڪي ويهڻ واريءَ جاءِ مان نڪري شهر تي وڃي قبضو ڪجو. خداوند خدا اهو اوهان جي حوالي ڪندو.


جڏهن اوهين شهر تي قبضو ڪري وڃو، تڏهن انهيءَ کي باهہ ڏيئي ڇڏجو. ائين ئي ڪجو جيئن خداوند حڪم ڏنو آهي. ياد رکو، مون اوهان کي اهو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي.“


پوءِ يشوع انهن کي روانو ڪيو. هو لڪي ويهڻ واري جاءِ ڏانهن روانا ٿيا ۽ عئي شهر جي اولهہ طرف، عئي ۽ بيت‌ايل جي وچ ۾ لڪي ويهي رهيا. يشوع اها رات خيمي‌گاهہ ۾ پنهنجي قوم منجھہ گذاري.


پر جڏهن جِبعون شهر ۾ رهندڙ حوين ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئي شهرن سان ڇا ڇا ڪيو آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan