Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 8:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئيءَ شهر ڏانهن ڊگھيڙ، اهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪرڻ وارو آهيان.“ سو يشوع اهو نيزو عئيءَ شهر ڏانهن ڊگھيڙيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ۽ خداوند يشوع کي چيو تہ جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئي ڏانهن ڊگهير؛ ڇالاءِ جو اُهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ يشوع جيڪو نيزو سندس هٿ ۾ هو سو شهر ڏانهن ڊگهيريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 8:18
14 Iomraidhean Croise  

اهو سڀ ان ڪري آهي جو شريرن خدا کي للڪاريو آهي، ۽ قادرِمطلق خلاف مغروريءَ سان هليا آهن.


توڙي جو ترڪش جا تير سندس مٿان کڙڪندا ۽ نيزا ۽ بڙڇيون پڻ هن جي مٿان چمڪنديون وڃن ٿيون.


تون پنهنجي لٺ کڻي پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھير تہ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي، تہ جيئن بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي وڃن.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون وٽ وڃ ۽ کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


خداوند موسيٰ کي هي بہ فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجو هٿ لٺ سوڌو ندين، نهرن ۽ حوضن تي ڊگھيري تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.“


بيشڪ جڏهن آءٌ کيس ڪمزور ڪندس ۽ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪري سندس هٿ ۾ پنهنجي تلوار ڏيندس، تڏهن اهو مصر ۾ قتلام ڪندو.


عئيءَ ۾ توڙي بيت‌ايل ۾ هڪڙو بہ اهڙو ماڻهو ڪونہ رهيو جو بني اسرائيل جي پٺيان نہ ويو. انهن شهرن کي کُليل ئي ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ سمورا بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيا.


جيئن ئي هن هٿ ڊگھيڙيو تہ سڀ لڪل ماڻهو هڪدم پنهنجين جاين تان نڪري پيا ۽ ڊوڙي وڃي شهر تي قبضو ڪيائون ۽ فوراً انهيءَ کي باهہ ڏنائون.


تڏهن اوهين پنهنجي لڪي ويهڻ واريءَ جاءِ مان نڪري شهر تي وڃي قبضو ڪجو. خداوند خدا اهو اوهان جي حوالي ڪندو.


ايتري ۾ اهو فلستي جالوت جنهن جي اڳيان سندس ڍال‌بردار هليو ٿي، سو وڌي دائود جي ويجھو آيو.


تڏهن دائود جالوت کي ورندي ڏني تہ ”تون مون تي تلوار، نيزو ۽ بڻڇي کنيو پيو اچين. پر آءٌ تو تي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي لشڪر جي خدا جي نالي سان پيو اچان، جنهن کان تو حقارت ڪئي آهي.


سندس ٽنگن تي پتل جا جھاڙولا پيل هئا ۽ پٺيءَ تي هڪڙي پتل جي بڻڇي رکيل هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan