Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 8:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن يشوع ۽ ٻيا بني اسرائيل هنن جي اڳيان شڪست کاڌل هجڻ جو ڍونگ ڪري بيابان جو رستو وٺي اُٿي ڀڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 تڏهن يشوع ۽ سڀيئي اسرائيلي بيابان جو رستو وٺي اُٿي ڀڳا، ڄڻ تہ هنن جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 8:15
6 Iomraidhean Croise  

بيابان وارا شهر هي هئا: بيت‌عرابہ، مدين، سڪاڪہ،


بني يوسف کي مليل حصي جي سرحد يريحو شهر جي اردن نديءَ کان يريحو جي چشمن جي اوڀر کان شروع ٿي ۽ اتان کان بيابان منجھان لنگھندي بيت‌ايل جي جابلو علائقي ۾ وڃي نڪتي.


انهيءَ حصي جي سرحد اتر پاسي اردن درياءَ کان شروع ٿي، يريحو شهر جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي اولهہ طرف جابلو علائقي منجھان لنگھندي بيت‌آون جي بيابان تائين آئي.


جڏهن عئيءَ جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تڏهن هو پاڻ ۽ سندس شهر جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿي تڙ‌تڪڙ ۾ تياري ڪري اردن ماٿريءَ جي سامهون بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. پر کين اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان بہ لڪا ويٺا آهن.


پوءِ بني بنيامين سمجھيو تہ ”اسين شڪست کائي چڪا آهيون.“ بني اسرائيل جي ماڻهن اهڙيءَ طرح جنگ کٽي جو هو بني بنيامين جي اڳيان پوئتي هٽيا، انهيءَ لاءِ تہ هنن انهن ماڻهن تي ڀاڙيو پئي جيڪي جِبعت جي چوڌاري لڪائي ويهاريا هئائون.


سو هو بني اسرائيل جي ماڻهن کي پٺ ڏيئي بيابان واري رستي سان وٺي ڀڳا. تڏهن بہ بني اسرائيل انهن جو پيڇو نہ ڇڏيو ۽ جيڪي بني اسرائيل شهر ۾ پهچي چڪا هئا سي بہ ٻاهر نڪري مٿن اچي ڪڙڪيا ۽ انهن کي اتي ئي ناس ڪندا ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan