يشوع 8:1 - Muslim Sindhi Bible1 پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، نڪي بيهمت ٿيءُ. سڀ جنگي جوان پاڻ سان کڻ ۽ عئي شهر تي وڃي حملو ڪر. ڏس، مون عئيءَ جو بادشاهہ، سندس قوم، سندس شهر ۽ سندس علائقو تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible1 پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي حيران پريشان ٿيءُ: سڀ جنگي مرد پاڻ سان کڻ، اُٿ ۽ عئيءَ تي چڙهي وڃ: ڏس مون عئيءَ جو بادشاهہ، ۽ سندس قوم، ۽ سندس شهر، ۽ سندس زمين تنهنجي هٿ ۾ ڏني آهي: Faic an caibideil |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”پر اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين ڪو خوف نہ ڪريو. يقيناً آءٌ پنهنجي قوم کي ڏورانهن ملڪن مان بچائي وٺندس، يعني اوهان جي اولاد کي سندن جلاوطنيءَ وارن ملڪن مان بچائي آڻيندس. اهي موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندا. اهي امن وَ سلامتي ماڻيندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.
جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.