8 اي مالڪ! بني اسرائيل جي پنهنجي دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ڀڄڻ کان پوءِ آءٌ ڇا چوان؟
8 اي خداوند، جڏهن اسرائيلي پنهنجن دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ٿا ڀڄن، تڏهن آءٌ ڇا چوان؛
پر هاڻي اي اسان جا خدا! هن کان پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجي حڪمن جو ڪوبہ لحاظ نہ رکيو آهي،
تو اسان جي دشمنن اڳيان اسان کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، ۽ انهن اسان جو مال ملڪيت لٽيو ڦريو آهي.
تو هن جي تلوار جي ڌار کي موڙي ڇڏيو آهي، ۽ جنگ جي وقت سندس پيرن کي ڄمڻ ڪين ڏنو اٿيئي.
آءٌ پنهنجي پهري واري ٺُلهہ تي چڙهي بيهندس ۽ ڏسندس تہ خدا مون سان ڇا ٿو ڳالهائي ۽ مون کي منهنجي شڪايت جو ڪهڙو جواب ٿو ملي.
پوءِ يشوع چوڻ لڳو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! ڇو تو هن قوم کي اردن درياءَ جي پار آندو؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ اسان کي امورين جي حوالي ڪرين؟ يا انهيءَ لاءِ تہ اسين ناس ٿي وڃون؟ جيڪر اسين اردن درياءَ جي هُن ڀر ئي راضي ٿي رهي پئون ها!
ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“
جڏهن بني اسرائيل جا باقي ماڻهو لشڪرگاهہ ۾ موٽي آيا تڏهن انهن جي اڳواڻن چيو تہ ”خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان ڇو شڪست ڏياري؟ اچو تہ خداوند جي عهد واري صندوق سيلا شهر مان هتي پاڻ وٽ کڻي اچون، انهيءَ لاءِ تہ اها اسان وٽ هجي تہ جيئن اسين پنهنجن دشمنن کان بچايا وڃون.“