هڪڙي دشمن سپاهيءَ جي دڙڪي سان اوهان جا هڪ هزار ماڻهو ڀڄي نڪرندا. پنجن دشمنن جي دڙڪي سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا. ايتري قدر جو اوهان مان ڪوبہ باقي نہ رهندو، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي، جيڪو ڄڻ ويران ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪنهن ٿنڀي يا جھنڊي جيان ڏسڻ ۾ اچي.
بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.
خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟
پوءِ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ ”عئي شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ سڀني ماڻهن جي وڃڻ جي ضرورت نہ آهي. رڳو ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو وڃي اهو شهر هٿ ڪن. سو سڀني ماڻهن کي اوڏانهن وڃڻ جي تڪليف نہ ڏيو، ڇو تہ اتي ٿورا ماڻهو آهن.“