Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يشوع يريحو مان عئي شهر ڏانهن ڪجھہ ماڻهو موڪليا، جيڪو بيت‌ايل جي اوڀر طرف بيت‌آون جي ويجھو آهي. هن کين چيو تہ ”اوهين وڃي انهيءَ علائقي جي جاسوسي ڪري اچو.“ سو اهي ماڻهو ويا ۽ عئي شهر جي جاسوسي ڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 7:2
18 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيت‌ايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيت‌ايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي.


هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيت‌ايل رکيو. پر اڳ ۾ انهيءَ شهر جو نالو لوز هو.


پوءِ هن انهن سونن گابن مان هڪڙو ڏکڻ ۾ بيت‌ايل شهر ۾ رکيو ۽ ٻيو اتر ۾ دان شهر ۾.


بنيامين قبيلي وارا هنن هنڌن تي رهندا هئا: جِبع، مڪماس، عئي شهرَ، بيت‌ايل شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ،


ڪنهن بہ ڪم جي ڪاميابيءَ جو دارومدار بهتر صلاح مشوري تي آهي، خاص طور جنگ ۾ ائين ڪرڻ ضروري آهي.


جنگيون بہ ڏاهپ سان کٽي سگھجن ٿيون. هائو، صلاح مصلحت سان ئي فتح حاصل ٿئي ٿي.


عئي شهر تي اچي قبضو ڪيو آهي، ۽ مجرون مان لنگھي ويا آهن. هنن مڪماس ۾ پنهنجو سامان رکيو آهي.


جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.


تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا زندگي گذاريو. نادانن وانگر نہ گذاريو، پر دانائن وانگر


بني اسرائيل هنن بادشاهن کي شڪست ڏني: يريحو جو بادشاهہ، بيت‌ايل جي ڀر واري شهر عئيءَ جو بادشاهہ،


انهيءَ حصي جي سرحد اتر پاسي اردن درياءَ کان شروع ٿي، يريحو شهر جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي اولهہ طرف جابلو علائقي منجھان لنگھندي بيت‌آون جي بيابان تائين آئي.


پوءِ يشوع شطيم وٽان خيمي‌گاهہ مان ٻہ ماڻهو جاسوس ڪري موڪليا. هن کين چيو تہ ”اوهين ڳجھيءَ طرح وڃي ڪنعان ملڪ جي، خاص طور تي يريحو شهر مان جاچ لهي اچو.“ تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ يريحو شهر ۾ آيا. اتي هو راحب نالي هڪ ڪسبياڻيءَ جي گھر ۾ وڃي رات رهيا.


پوءِ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ ”عئي شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ سڀني ماڻهن جي وڃڻ جي ضرورت نہ آهي. رڳو ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو وڃي اهو شهر هٿ ڪن. سو سڀني ماڻهن کي اوڏانهن وڃڻ جي تڪليف نہ ڏيو، ڇو تہ اتي ٿورا ماڻهو آهن.“


فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.


اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي فتح بخشي. جنگ بيت‌آون جي هن پار تائين وڃي پهتي


هن اهي انهن ماڻهن ڏانهن موڪليا، جيڪي هنن شهرن ۾ رهندا هئا: بيت‌ايل، يهوداہ جو ڏکڻ وارو شهر رامات، يتير،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan