Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 7:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تنهنڪري بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگهن، ۽ انهن جي اڳيان پٺ ٿا ورائين، ڇالاءِ جو اُهي لعنتي ٿيا آهن. جيستائين ڪ اوهين پاڻ منجهان انهي لعنتي شيءِ کي ناس ڪري نہ ڇڏيندا، تيستائين آءٌ وري اوهان سان نہ ٿيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 7:12
21 Iomraidhean Croise  

تو اسان جي دشمنن اڳيان اسان کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، ۽ انهن اسان جو مال ملڪيت لٽيو ڦريو آهي.


اي خدا! ڇا اهو تون ئي نہ آهين، توڙي جو اسان کي رد ڪيو اٿيئي، ۽ اسان جي لشڪرن سان گڏ نہ ٿو هلين؟


بدڪار ماڻهو ڊڄي ڀڄي ويندا آهن، توڙي جو کين ڪوبہ خطرو نہ هجي. مگر سچار ماڻهو شينهن وانگر دلير ٿا ٿين.


بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.


پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن منهنجي قوم مان ڪو نبي سڏائيندڙ، ڪو ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو تو کان پڇي تہ ’اسان تي خدائي پيغام جو ڪهڙو بار رکيو ويو آهي؟‘ تڏهن تون کين چئج تہ ’اوهين تہ پاڻ خدا تي بار آهيو، جنهن کي هو لاهي ڦٽو ڪندو.‘


اي يروشلم! ڪجھہ سمجھہ کان ڪم وٺ، نہ تہ آءٌ تو کان منهن موڙي ڇڏيندس ۽ تو کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.“


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين. تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟ جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟


جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون تہ هو زاروزار روئڻ لڳا.


سو نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان منجھہ ڪونهي، تنهنڪري متان پنهنجي دشمنن جي هٿان مارجي وڃو.


اُتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان سان منهن مقابل ٿيندا ۽ اوهين جنگ ۾ مارجي ويندا. جيئن تہ اوهين خداوند کان ڦري ويا آهيو، تنهنڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.“


تڏهن عماليقي ۽ ڪنعاني جيڪي انهيءَ جابلو علائقي ۾ رهندا هئا، تن هيٺ لهي مٿن حملو ڪيو ۽ حرماہ تائين کين ماريندا آيا.


اوهين بتن جي ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گھر ۾ نہ آڻجو، نہ تہ اوهين بہ انهن وانگر لعنتي ٿيندا. اوهين انهن کان سخت نفرت ڪجو ۽ انهن کي غلاظت ڪري ڄاڻجو، ڇاڪاڻ تہ اهي لعنتي آهن.“


پر اوهين خداوند جي راهہ ۾ انهن فنا ڪرڻ وارين مخصوص شين کان پاڻ کي پري رکجو، متان انهن مان ڪا شيءِ کڻي پاڻ تي ۽ بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ تي تباهي آڻيو.


پوءِ هن رڙ ڪري چيس تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ سوچيائين تہ ”آءٌ اڳي وانگر ٻاهر نڪري پاڻ کي لوڏي آزاد ڪندس.“ پر کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند وٽانئس هليو ويو آهي.


تنهن تي خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن کين ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کين ڦري لٽي ڇڏيو. هن انهن کي سندن آس‌پاس وارن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگھيا.


جڏهن انهيءَ ملائڪ سڄي بني اسرائيل کي خداوند جو اهو فرمان ٻڌائي بس ڪئي تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو دانهون ڪري روئڻ لڳا.


تڏهن سائول چيو تہ ”اي فوج جا سالارؤ! اوهين سڀيئي هتي ويجھا ٿيو ۽ جاچ ڪري ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙو گناهہ ٿيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan