Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل مخصوص ڪيل شين ۾ خيانت ڪئي. هائو، يهوداہ جي قبيلي مان عڪن نالي هڪ شخص، جيڪو ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ جيڪو زارح جي گھراڻي مان هو، تنهن مخصوص شين مان ڪا شيءِ کنئي. انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 7:1
19 Iomraidhean Croise  

انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ يعقوب جي پٽن لاشن ۽ شهر کي لٽيو، جتي سندن ڀيڻ جي عزت لُٽي ويئي هئي.


جڏهن تہ خداوند بني اسرائيل تي وري بہ ڏاڍو ڪاوڙيو. سو هن دائود کي انهن جي خلاف اڀاريو ۽ چيائينس تہ ”وڃي بني يهوداہ ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جو شمار ڪر.“


جڏهن جيحازي ٽڪريءَ وٽ پهتو تڏهن هن اُهي نعمان جي نوڪرن کان ورتا ۽ پنهنجي گھر ۾ ئي رکي ڇڏيائين. پوءِ جيحازي انهن نوڪرن کي موڪل ڏني ۽ هو هليا ويا.


انهيءَ حڪم مان خدا بہ خوش نہ هو، تنهنڪري خدا بني اسرائيل کي سزا ڏني.


سو ماڻهن هيڪل ۾ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. تڏهن انهيءَ گناهہ ڪرڻ جي ڪري يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي غضب نازل ٿيو.


دعا گھريم تہ ”اي منهنجا خدا! آءٌ شرمندو آهيان، اي منهنجا خدا! آءٌ تو ڏانهن پنهنجو منهن کڻڻ کان لڄي ٿي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گناهہ وڌي اسان جي ڳاٽ کان بہ مٿي ٿي ويا آهن ۽ اسان جون خطائون وڃي آسمان سان لڳيون آهن.


نہ، تنهنجي شرارت رڳو تو جهڙي انسان کي ئي نقصان پهچائي سگھي ٿي، هائو، تنهنجي سچائي رڳو ڪنهن آدمزاد کي ئي فائدو پهچائي سگھي ٿي.


ڏاهپ جنگي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، پر انسان جي رڳو هڪڙي غلطي سندس ڪيل سڀني نيڪين کي برباد ٿي ڪري ڇڏي.


اي پروردگار! تون ئي واعدي جو سچار آهين، پر اسين تو سان ٻڌل عهد سان بي‌وفائي ڪري خوار خراب ٿيا آهيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. هائو، اسين يروشلم سميت سڄي يهوداہ جا رهاڪو، بلڪ سڄي بني اسرائيل وارا خوار خراب آهيون، جن کي تو ويجھن توڙي پري وارن ملڪن ۾ هڪالي ڇڏيو آهي.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.


انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.


هنن خداوند جي سڄي قوم پاران کين اچي چيو تہ ”اوهان بني اسرائيل جي خدا جي خلاف هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ اڄ ڪيئن اوهان خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي جو خداوند کان باغي ٿي پنهنجي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي اٿوَ؟


توهين ڇو هاڻ خداوند کان منهن موڙي رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهين اڄ خداوند کان باغي ٿيندا، تہ سڀاڻي هو بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبو.


جڏهن زارح جي گھراڻي مان عڪن خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ وارين شين جي باري ۾ نافرماني ڪئي هئي، تہ ڇا بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم تي غضب نازل نہ ٿيو هو؟ رڳو عڪن ئي پنهنجي گناهہ جي ڪري تہ ناس نہ ٿيو هو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan