Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 6:26 - Muslim Sindhi Bible

26 يشوع انهيءَ وقت قسم کڻي خبردار ڪيو تہ ”جيڪو ماڻهو هن شهر يريحو کي وري اڏڻ جي ڪوشش ڪندو، سو خداوند جي لعنت هيٺ ايندو. جيڪو انهيءَ جو بنياد وجھندو، سو وڏي پٽ تان هٿ کڻندو. جيڪو انهيءَ جا در اڏيندو، سو ننڍڙي پٽ تان هٿ کڻندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 6:26
9 Iomraidhean Croise  

اخي‌اب جي ڏينهن ۾ بيت‌ايل جي رهاڪو حي‌ايل يريحو شهر وري تعمير ڪرايو. هن جڏهن يريحو شهر جو بنياد وڌو تہ سندس پهريتو پٽ ابيرام مري ويو ۽ جڏهن انهيءَ جا در اڏيائين تہ سندس سڀني کان ننڍو پٽ سجُوب بہ مري ويو. سو جيئن خداوند يشوع ولد نون جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي ٿيو.


پر اخي‌اب ميڪاياہ کي چيو تہ ”ڪيترا ڀيرا آءٌ تو کي قسم ڏيان تہ خداوند جي نالي تي مون کي بلڪل سچ ٻڌاءِ؟“


پوءِ الياس اليشع کي چيو تہ ”اي اليشع! تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند يريحو شهر ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا يريحو شهر ڏانهن ويا.


هاڻي جڏهن عيسوءَ جو اولاد ادومي چوي تہ ”اسين برباد تہ ٿي ويا آهيون، پر انهن کنڊرات کي وري اچي اڏينداسين،“ تڏهن قادرِ‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ اهي ڊاهي ڇڏيندس. ماڻهو انهن جي ملڪ کي بڇڙائيءَ جو ملڪ ۽ کين اهڙي قوم سڏيندا جنهن تي هميشہ مون خداوند جو قهر هجي.“


پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، خدا جو فرزند؟“


تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جي پولس منادي ڪري رهيو آهي.“


ينوحاہ کان هيٺ لهي عطارات ۽ نعراتہ ڏانهن وڃي يريحو شهر تائين پهتي ۽ پوءِ اتان نڪري اردن درياءَ تي وڃي ختم ٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan