يشوع 6:25 - Muslim Sindhi Bible25 پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ، انهيءَ جي پيءُ جي گھراڻي ۽ جيڪي مٽ مائٽ وٽس هئا تن سڀني کي جيئرو ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ماڻهو يشوع يريحو شهر جي جاسوسيءَ لاءِ موڪليا هئا تن کي هن پاڻ وٽ لڪايو هو. انهيءَ راحب ڪسبياڻيءَ جو نسل اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل ۾ رهندو اچي. Faic an caibideilSindhi Bible25 پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ ۽ سندس پيءُ جي ڪٽنب کي، ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سميت جيئرو ڇڏي ڏنو؛ ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اسرائيل ۾ رهندي اچي؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد يريحو ڏسڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا ويا هئا، تن کي هن لڪايو هو. Faic an caibideil |
جيتوڻيڪ اهي وٽس اڃا رهيل هئا، تنهن هوندي بہ هن بادشاهہ جي ماڻهن کي وراڻيو تہ ”مون وٽ ٻہ ماڻهو برابر آيا هئا، پر مون کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جا هئا ۽ ڪيڏانهن ويا. هو رات جو شهر جي دروازي بند ٿيڻ وقت هتان هليا ويا. اوهين جيڪڏهن جلدي انهن جو پيڇو ڪندا تہ هنن کي وڃي پهچندا.“ پر راحب تہ انهن ٻنهي کي گھر جي ڇت تي وٺي وڃي کين سڻيءَ جي ڪاٺين ۾ لڪايو هو، جيڪي هن اتي ٺاهي جوڙي رکيون هيون.