Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 6:17 - Muslim Sindhi Bible

17 شهر ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي سو سڀ خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ لاءِ مخصوص آهي. رڳو راحب ڪسبياڻي ۽ اُهي سڀ جي ساڻس گھر ۾ گڏ آهن، سي ئي جيئرا ڇڏيا ويندا، ڇو تہ هن اسان جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ لڪايو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 ۽ شهر، ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند جي لاءِ بلڪل تباهہ ڪيو ويندو: رڳو راحب ڪسبياڻي، ۽ ٻيا جيڪي سندس گهر ۾ آهن، سي جيئرا بچندا؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد اسان موڪليا هئا تن کي هن لڪايو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 6:17
26 Iomraidhean Croise  

جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“


عملدارن ۽ اڳواڻن فيصلو ڪيو تہ جيڪو ٽن ڏينهن اندر اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن جي سڄي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي ۽ کيس موٽي آيلن جي جماعت مان خارج ڪيو ويندو.


مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربان‌گاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس.


اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.


خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انهيءَ جنگ لاءِ تون سڀني پکين کي سڏائجانءِ، بلڪ سڀني جھنگلي جانورن کي بہ. هائو، کين سڏائجانءِ تہ جيئن اهي چئني طرفن کان اچي اها قرباني کائين جيڪا آءٌ هنن لاءِ تيار پيو ڪريان. اها بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ هڪڙي وڏي دعوت هوندي، جنهن ۾ هو ماس کائيندا ۽ رت پيئندا.


بلڪ ايندڙ بحاليءَ جي سال ۾ اها ٻني پاڻيهي ڇٽي ويندي ۽ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪيل شيءِ وانگر اها ٻني مون خداوند لاءِ مخصوص رهندي ۽ ڪاهن جي ملڪيت ٿيندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِ‌غنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون رب‌العالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“


بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.


اسين تہ خدا جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا خدا دنيا جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو شريعت جي ڳالهين لاءِ پيو زندگي گذاريندو.“


بلڪ اوهين انهن کي يعني حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏجو، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي.


ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي بچي ويئي جڏهن انهيءَ شهر جي نافرمانن کي ماريو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل قوم جي جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو هو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


ساڳيءَ طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا خدا هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟


پوءِ يشوع شطيم وٽان خيمي‌گاهہ مان ٻہ ماڻهو جاسوس ڪري موڪليا. هن کين چيو تہ ”اوهين ڳجھيءَ طرح وڃي ڪنعان ملڪ جي، خاص طور تي يريحو شهر مان جاچ لهي اچو.“ تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ يريحو شهر ۾ آيا. اتي هو راحب نالي هڪ ڪسبياڻيءَ جي گھر ۾ وڃي رات رهيا.


اهي ٻيئي جاسوس اتان جبلن ڏانهن هليا ويا ۽ ٽي ڏينهن اتي پاڻ کي لڪايائون. سندن پيڇو ڪندڙن هنن کي سڀني رستن تي ڳوليو پر کين لهي نہ سگھيا، سو اهي شهر ڏانهن خالي هٿين موٽي آيا.


بني اسرائيل مخصوص ڪيل شين ۾ خيانت ڪئي. هائو، يهوداہ جي قبيلي مان عڪن نالي هڪ شخص، جيڪو ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ جيڪو زارح جي گھراڻي مان هو، تنهن مخصوص شين مان ڪا شيءِ کنئي. انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


هن قينين ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ اوهان جا ابا ڏاڏا بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت ساڻن مهربانيءَ سان پيش آيا هئا، تنهنڪري اوهين هتان هليا وڃو ۽ عماليقين مان نڪري وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ انهن سان گڏ تباهہ نہ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن قيني قبيلي وارا عماليقين مان نڪري هليا ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan