Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 انهن جي پٽن جو طهر، جن کي خدا سندن جاءِ تي قائم ڪيو هو، رستي ۾ نہ ٿيو هو، سو يشوع انهي نئين نسل جو طهر ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ انهن جو اولاد، جنهن کي هن انهن جي جاءِ تي قائم مقام ڪيو، تن کي يشوع طهرايو: ڇالاءِ جو اهي اڻ طهريل هئا، جو رستي ۾ انهن جو طهر نہ ٿيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 5:7
5 Iomraidhean Croise  

هنن کين چيو تہ ”اسان کان اهو ڪم ٿي ڪونہ سگھندو جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻ‌طهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، ڇو تہ انهيءَ سان اسان جي بدنامي ٿيندي.


پر اوهان جا ٻار جن جي باري ۾ اوهان چيو ٿي تہ اهي لُٽ جو مال ٿي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس. اهي انهيءَ ملڪ جو قدر ڄاڻيندا جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي.


پوءِ خداوند اسان سڀني کي چيو تہ ’اوهان جا اهي ٻار جيڪي اڃا ننڍڙا آهن، جن کي اڄ تائين چڱي ۽ مَٺي جي خبر ڪانهي ۽ جن بابت اوهين چئو ٿا تہ اهي گرفتار ٿي ويندا، سي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيندا. آءٌ هنن کي اهو ملڪ ڏيندس ۽ هو انهيءَ جا وارث ٿيندا.


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ پئي رليا ۽ انهيءَ عرصي دوران اهي سڀ جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪتا هئا سي مري کپي ويا، ڇو تہ هنن خداوند جي نافرماني ڪئي هئي. خداوند بہ ساڻن قسم کنيو تہ جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي سو کين ڏسڻ بہ ڪين ڏيندو.


جڏهن سڀني ماڻهن جو طهر ٿي چڪو، تنهن کان پوءِ جيستائين هو سڀ ڇٽي چڱا ڀلا نہ ٿيا تيستائين هو خيمي‌گاهہ ۾ ئي رهيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan