Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تنهن وقت خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”تون چقمقي پٿر جا چاقو ٺهراءِ ۽ بني اسرائيل جو نئين نسل جو طهر ڪراءِ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 انهيءَ وقت خداوند يشوع کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ تکا ڪپ جوڙيو، ۽ بني اسرائيل کي وري ٻيو ڀيرو طهرايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 5:2
8 Iomraidhean Croise  

تڏهن سندس زال صفورہ هڪدم هڪڙو تکو پٿر کڻي پنهنجي پٽ جو طهر ڪيو ۽ وڍيل کل جي ٽڪر سان موسيٰ جي پيرن کي ڇهي چيائين تہ ”بيشڪ تون منهنجي لاءِ رت وارو گھوٽ آهين.“


پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل خدا ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي طهر اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو طهر لکيل شريعت مطابق نہ، پر روحاني هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.


ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.


تنهنڪري اوهين پنهنجي دلين تان پردو هٽائي ڇڏيو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.


مسيح ۾ اوهان جو اهڙو طهر ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ جسماني فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.


يشوع ائين ئي ڪيو. هن چقمق پٿر جا چاقو ٺهرايا ۽ طهر وارين کلڙين جي ٽڪريءَ تي بني اسرائيل جو طهر ڪرايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan