Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هن وراڻيو تہ ”ڪنهن جي بہ طرف نہ. آءٌ هتي هينئر خداوند جي لشڪر جو سپهہ‌سالار ٿي آيو آهيان.“ تڏهن يشوع کيس تعظيمي سجدو ڪيو ۽ چيائينس تہ ”آقا! مون ٻانهي جي لاءِ اوهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 5:14
35 Iomraidhean Croise  

تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“


تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس هم‌ڪلام ٿي چيو تہ


تنهنجي نظر ۾ تہ اها خسيس ڳالهہ آهي، اي خداوند خدا! تڏهن ئي تہ تو پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي بابت آئيندہ جي گھڻي عرصي جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ اي خداوند خدا! تو پنهنجي هن ٻانهي تي عام ماڻهن وانگر مهرباني ڪئي.


ٻيو وڌيڪ آءٌ دائود تو کي ڇا ٿو چئي سگھان؟ اي خداوند خدا! تون پنهنجي هن ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.


خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“


هائو، اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ جيڪو خداوند قادرِمطلق آهي سو ئي جلال وارو بادشاهہ آهي.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“


پر موسيٰ وراڻيو تہ ”اي مالڪ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن ٻئي کي موڪل.“


ڏسو، مون هن کي قومن جو اڳواڻ ۽ حڪمران مقرر ڪيو. هن جي وسيلي مون قومن کي پنهنجي قدرت ڏيکاري.


پوءِ مون پروردگار جو آواز ٻڌو، جنهن فرمايو تہ ”هتي ڪير آهي، جنهن کي آءٌ موڪليان؟ ڇا ڪو اسان جي لاءِ ويندو؟“ تڏهن مون چيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان. مون کي موڪليو.“


تڏهن آءٌ هڪدم اٿيس ۽ نڪري ماٿريءَ ۾ آيس. اتي مون کي خداوند جي جلوي جي تجلي ڏسڻ ۾ آئي، جهڙي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن آءٌ زمين تي منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.


پر فارس ملڪ جي محافظ فرشتي ايڪيهن ڏينهن تائين منهنجو مقابلو ڪيو. مگر ميڪائيل جيڪو وڏن فرشتن مان هڪ آهي، تنهن اچي منهنجي مدد ڪئي، ڇو تہ آءٌ اتي فارس جي محافظ فرشتي وٽ روڪجي ويو هئس.


مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


اهو اهڙو تہ وڏو ٿي ويو جو آسمان جي لشڪر جي حاڪم جي مقابل ٿي بيٺو. سندس روزانو وارين قربانين کي بند ڪري ڇڏيائين ۽ سندس مقدس هيڪل کي پليت ڪري ڇڏيائين.


ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربان‌گاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.


پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“


”اوهين هنن ماڻهن مان نڪري الڳ ٿيو تہ آءٌ هڪڙيءَ جھٽ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن هو ٻئي سجدي ۾ ڪري پيا.


پوءِ خداوند بلعام جون اکيون کوليون، تڏهن هن خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي ۾ بيٺل ڏٺو. تنهن تي هن جھڪي سجدو ڪيو.


’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘


ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو، جنهن کيس سجدو ڪري چيس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“


مون تي اهڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منهنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ هلي آئي آهي.


ڇاڪاڻ تہ دائود خود زبور ۾ چيو آهي تہ ’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،


هڪ دفعي عيسيٰ ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ ڪري سگھو ٿا.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“


هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“


سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي.


پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ


انهيءَ دوران آسمان ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ انهن سان وڙهيا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan