Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ ملڪ جي پيداوار کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي مَنَ ڪرڻ بند ٿي ويئي ۽ بني اسرائيل کي اڳتي مَنَ ڪانہ ملي. انهيءَ سال کان وٺي هنن ڪنعان جي پيداوار مان کاڌو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ انهي ملڪ جي پراڻي اَن کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو من بند ٿي ويئي؛ ۽ بني اسرائيل وٽ وڌيڪ من ڪانہ هئي؛ پر انهيءَ سال هنن ڪنعان جي ملڪ جا ميوا پئي کاڌا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 5:12
9 Iomraidhean Croise  

بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.


نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.


۽ انهيءَ ملڪ جي پيداوار کائو تڏهن انهيءَ پيداوار مان ڪجھہ حصو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪندا رهجو.


مون اوهان کي موڪليو تہ ان فصل جو لابارو ڪندا رهو جيڪو اوهان نہ پر ٻين محنت ڪري پوکيو آهي ۽ اوهين انهن جي ڪم مان فائدو وٺو ٿا.“


عيد فصح جي ٻئي ڏينهن تي هنن پهريون دفعو انهيءَ ملڪ ڪنعان جي پيداوار يعني ڀڳل جَوَ ۽ بي‌خميريون مانيون کاڌيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan