Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 5:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ بني اسرائيل جِلجال ۾ منزل ڪيو ويٺا هئا، سو هنن اتي ئي يريحو شهر جي ميدان ۾ انهيءَ مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو عيد فصح ملهائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 پوءِ بني اسرائيل جلجال ۾ منزل ڪئي، ۽ يريحو جي ميدانن ۾، فسح جي عيد انهيءَ مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو ملهائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 5:10
14 Iomraidhean Croise  

ڏس، جيستائين تنهنجي طرفان مون کي ڪو اطلاع نہ ملندو، تيستائين آءٌ بيابان ۾ درياءَ جي گھاٽن وٽ ترسيل هوندس.“


بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.


هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري.


پر بابلي لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي بيابان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو. هو صدقياہ کي پڪڙي حمات جي علائقي ۾ ربلہ شهر منجھہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر وٽ وٺي آيا، جتي هن صدقياہ لاءِ سزا جو اعلان ڪيو.


تنهنڪري اي آدمزاد! تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي ڏسندي جلاوطن ٿيڻ جي مثال طور پنهنجو سامان تيار ڪر ۽ هنن جي ڏسندي اتان ٻئي هنڌ هليو وڃ. تڏهن اهي باغي شايد سمجھي وٺن تہ اهو مون خداوند جو پيغام آهي.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو مون خداوند جي عيد فصح آهي.


اي منهنجي قوم! ياد ڪريو تہ موآب جي بادشاهہ بلق اوهان بابت ڪهڙا بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙيا هئا، ۽ بلعام ولد بعور هن کي ڪهڙي ورندي ڏني هئي. اهو بہ ياد ڪريو تہ شطيم کان جِلجال تائين اوهان سفر ڪندي ڪهڙي نموني اردن درياءُ پار ڪيو. پوءِ اوهين مڃيندا تہ اوهان کي بچائڻ لاءِ مون خداوند ڇا ڇا ڪيو.“


انهن ماڻهن پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ اردن درياءُ پار ڪري، يريحو شهر جي اوڀر واري سرحد تي جِلجال ۾ اچي منزل ڪئي.


عيد فصح جي ٻئي ڏينهن تي هنن پهريون دفعو انهيءَ ملڪ ڪنعان جي پيداوار يعني ڀڳل جَوَ ۽ بي‌خميريون مانيون کاڌيون.


پوءِ هو جِلجال واري خيمي‌گاهہ ۾ يشوع وٽ آيا ۽ هن کي ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون تہ ”اسين هڪڙي ڏورانهين ملڪ کان آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اسان سان عهد ڪريو.“


هو هر سال بيت‌ايل، جِلجال ۽ مصفاہ ڏانهن گشت ڪرڻ ويندو هو ۽ انهن سڀني جاين تي هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan