Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 يشوع پڻ ٻيا ٻارهن پٿر اردن درياءَ جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا جتي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بيٺا هئا. اهي پٿر اڄ ڏينهن تائين اتي ئي موجود آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ يشوع ٻارهن پٿر يردن جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا، جتي عهدنامي جي صندوق جي کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير بيٺا هئا: ۽ اُهي اڄ ڏينهن تائين اُتي آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 4:9
16 Iomraidhean Croise  

تنهن تي هن انهيءَ کوهہ جو نالو ”قسم“ رکيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ شهر جو نالو بيرسبع ٿو سڏجي.


يعقوب صبح جو سوير اٿيو. جيڪو پٿر مٿي هيٺ وِهاڻو ڪري رکيو هئائين سو يادگار بڻائي اتي کوڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ جي مٿان تيل پئٽي ان کي مخصوص ڪيائين.


بيروت جا اصل رهاڪو جتيم شهر ڏانهن ڀڄي ويا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين اتي ڌاريا ٿي رهندا پيا اچن.


الياس ٻارهن پٿر کنيا، جيڪي يعقوب جي نسل يعني بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي تعداد موجب هئا. هي يعقوب اهو هو جنهن کي خداوند چيو هو تہ ”تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو.“


اهي ٻانهيون ايتريون تہ ڊگھيون هيون جو انهن جا ڇيڙا مقدس ترين جاءِ جي اڳيان مقدس جاءِ وٽان ڏسڻ ۾ ٿي آيا، پر مقدس جاءِ جي ٻاهران اهي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيا. اڄ ڏينهن تائين اهي اتي ئي آهن.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ ۽ تيستائين هتي رهہ جيستائين آءٌ تو کي پٿر جون تختيون نہ ڏيان. انهن تختين تي اها شريعت ۽ اُهي حڪم لکيا اٿم جيڪي ماڻهن جي هدايت لاءِ آهن.“


اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هجن. جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن اهي نالا جيڪي ٻارهن قبيلن جا نالا هوندا، سي هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هجن.


اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين اها زمين ”خون جو ميدان“ سڏبي آهي.


تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي.


کيس موآب جي ميدان جي انهيءَ ماٿريءَ ۾ جيڪا بيت‌فعور شهر جي سامهون آهي دفن ڪيو ويو. پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهيءَ جي قبر جي خبر ڪانهي.


يشوع اهي سڀ خدا جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيا. پوءِ هن هڪڙو وڏو پٿر کڻي، اتي واري خداوند جي پاڪ جاءِ ۾ شاهہ‌بلوط وڻ جي هيٺان کوڙائي ڇڏيو.


جيڪي جنگي جوان بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي مان جنگ جي لاءِ آيا هئا سي موسيٰ جي چوڻ مطابق هٿيار ٻڌي ٻين ماڻهن کان اڳ ۾ جلدي جلدي عهد واري صندوق جي اڳيان لنگھي پار ويا ۽ يريحو شهر جي ويجھو ميدان تي لڙائيءَ لاءِ آيا. اهي اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو هئا. پوءِ جيستائين سڀ ماڻهو پار لنگھي نہ ويا ۽ اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو جنهن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ ۽ يشوع کي حڪم ڏنو هو، تيستائين ڪاهن عهد جي صندوق سميت اردن درياءَ جي وچ ۾ بيٺا رهيا.


اهو ماڻهو بعد ۾ حتين جي ملڪ ۾ ويو ۽ اتي هن هڪڙو شهر ٻڌو جنهن جو نالو لوز رکيائين. سو اڄ تائين انهيءَ شهر جو ساڳيو نالو هليو اچي.


سو انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ تائين بني اسرائيل ۾ اهو ئي قاعدو ۽ دستور هلندو اچي.


پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبن‌عزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan