يشوع 4:5 - Muslim Sindhi Bible5 کين چيائين تہ ”اوهين اردن درياءَ جي وچ ۾ واپس وڃو جتي ڪاهن عهد واري صندوق جھليو بيٺا آهن. بني اسرائيل جي قبيلن جي شمار مطابق اوهان مان هر ڪو ماڻهو اتان هڪڙو هڪڙو پٿر پنهنجي ڪلهي تي کڻي اچو، Faic an caibideilSindhi Bible5 ۽ يشوع انهن کي چيو تہ خداوند پنهنجي خدا جي صندوق جي اڳيان لنگهي يردن جي وچ ۾ وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو، بني اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، هڪڙو پٿر پنهنجن ڪلهن تي کڻي: Faic an caibideil |
جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ جنهن جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي، تڏهن عيبال جبل تي اوهين وڏا وڏا پٿر کوڙي انهن کي چوني سان ليپو ڏيئي ڇڏجو. انهن پٿرن تي اوهين هن شريعت جون سموريون ڳالهيون لکي ڇڏجو.