4 پوءِ يشوع ٻارهن ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽
4 تڏهن يشوع بني اسرائيل مان ٻارهن ماڻهو، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو، چونڊي تيار ڪيا، ۽ انهن کي سڏيائين:
سو هاڻ اوهين بني اسرائيل جي قبيلن مان ٻارهن ڄڻا چونڊيو، هر هڪ قبيلي مان هڪڙو ڄڻو.
”مردن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي ڪڍ، يعني هر هڪ قبيلي مان هڪڙو ڄڻو.
انهن کي حڪم ڏي تہ اردن درياءَ جي وچ ۾ جنهن هنڌ ڪاهن بيٺا آهن، تنهن هنڌان ٻارهن پٿر کڻي اچن. کين ٻڌاءِ تہ اهي پٿر پاڻ سان کڻي ڪنعان جي انهيءَ هنڌ رکن جتي اوهين اڄ رات وڃي رهندا.“
کين چيائين تہ ”اوهين اردن درياءَ جي وچ ۾ واپس وڃو جتي ڪاهن عهد واري صندوق جھليو بيٺا آهن. بني اسرائيل جي قبيلن جي شمار مطابق اوهان مان هر ڪو ماڻهو اتان هڪڙو هڪڙو پٿر پنهنجي ڪلهي تي کڻي اچو،