تڏهن هنن ائين ئي ڪيو جيئن يشوع کين حڪم ڏنو. جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي فرمايو هو، تهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي قبيلن جي شمار موجب هنن ٻارهن پٿر اردن درياءَ جي وچ مان کنيا. اُهي پٿر پاڻ سان کڻي انهيءَ هنڌ آندائون جتي بني اسرائيل رهيا ۽ اتي اهي رکي ڇڏيائون.