Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تون عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ جڏهن هو اردن درياءَ جي ڪناري تي پهچن تہ هو پاڻيءَ ۾ لهي هڪ هنڌ بيهي رهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ جيڪي ڪاهن عهدنامي جي صندوق کڻن ٿا تن کي تون حڪم ڏيئي چئُہ، تہ جڏهن يردن نديءَ جي ڪناري تي پهچن، تڏهن يردن جي پاڻيءَ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 3:8
20 Iomraidhean Croise  

پوءِ الياس کيس چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند اردن درياءَ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ پوءِ هو ٻيئي اڳتي هليا.


هنن ماڻهن پنهنجي لاوي ڀائرن کي گڏ ڪيو ۽ انهن سڀني پاڻ کي پاڪ ڪيو. پوءِ هنن بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي شريعت موجب خداوند جي گھر اندر وڃي ان کي پاڪ ڪرڻ شروع ڪيو.


حزقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”قربان‌گاهہ تي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي وڃي.“ جڏهن قرباني ڪرڻ شروع ٿي تڏهن شرناين ۽ ٻين مقرر ٿيل سازن سان خداوند جي واکاڻ جو گيت بہ شروع ڪيو ويو


پوءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن لاوين کي حڪم ڏنو تہ ”دائود بادشاهہ ۽ آسف غيبدان جا چيل خدا جي تعريف جا گيت ڳايا وڃن.“ سو سڀني ماڻهن خوشيءَ سان واکاڻ جا گيت ڳايا ۽ پنهنجا سر جھڪائي سجدو ڪيائون.


هوڏانهن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دلين ۾ خداوند اهو خيال وڌو تہ اهي بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جي حڪم موجب سندس فرمان جي تعميل ڪن.


پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج.


سردار ڪاهن يويدع ولد الياسب جي پٽن مان هڪڙي پٽ سنبلط حورونيءَ نالي ڌارئي ماڻهوءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مون انهيءَ کي پنهنجي قوم مان خارج ڪري ڇڏيو.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


اسان لاءِ اهو ڪافي آهي جو اسين صبر سان انتظار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان کي مصيبتن کان بچائيندو.


۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائون تہ ”جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندي ڏسو تڏهن اوهين منزل کڻي انهيءَ جي پٺيان هلجو.


خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ اهڙو ڪم ڪندس جنهن مان تون سڄي بني اسرائيل جي نظر ۾ سرفراز ٿيڻ شروع ٿيندين، تہ جيئن هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان گڏ هئس، تهڙيءَ طرح تو سان بہ آهيان.


سو يشوع بني اسرائيل کي چيو تہ ”ويجھو اچي خداوند پنهنجي خدا جون ڳالهيون ٻڌو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan