يشوع 3:5 - Muslim Sindhi Bible5 پوءِ يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي خداوند اوهان منجھہ ڪي عجب جهڙا ڪم ڪندو.“ Faic an caibideilSindhi Bible5 ۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ پاڻ کي اوهين پاڪ ڪريو؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي خداوند اوهان منجهہ ڪي عجائب ظاهر ڪندو. Faic an caibideil |
رات جو جڏهن خيميگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ مَنَ بہ ڪرندي هئي. صبح جو ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها ميڙي گڏ ڪندا هئا، پوءِ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا. هو انهيءَ کي ديڳڙين ۾ اوٻاري انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا. انهيءَ جو سواد زيتون جي تيل ۾ پچايل مانيءَ جهڙو هو.