Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائون تہ ”جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندي ڏسو تڏهن اوهين منزل کڻي انهيءَ جي پٺيان هلجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 3:3
20 Iomraidhean Croise  

هيئن ٿيو جو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا اڃا ڇهہ قدم هليا تہ دائود هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو ٿلهو متارو گابو قربان ڪيو.


سو هنن اها صندوق ابينداب جي گھر مان ڪڍي، جيڪو ٽڪريءَ تي اڏيل هو. هنن اها هڪڙي نئين گاڏيءَ تي آڻي رکي. پوءِ ابينداب جا پٽ عُزہ ۽ اخيو انهيءَ نئين گاڏيءَ کي ڪاهي آيا.


جڏهن بني اسرائيل جا اهي سڀيئي اڳواڻ اچي گڏ ٿيا تڏهن ڪاهنن اچي عهد واري صندوق کي کنيو.


نہ ئي وري لاوي قبيلي ۾ ڪاهنن جي ڪا کوٽ ٿيندي جيڪي هميشہ منهنجي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ ٻيا نذرانا پيش ڪن.“


سو هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون. خداوند جي عهد واري صندوق اهي ٽيئي ڏينهن انهن جي واسطي آرام ڪرڻ جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


ان وقت شريعت جي هڪ عالم عيسيٰ جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“


تڏهن هن لاوين کي، جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا، حڪم ڏيئي چيو تہ


موسيٰ هيءَ شريعت لکي، بني لاوي ڪاهنن کي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏني.


اهو انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي سان نہ لنگھيا آهيو. پر عهد واري صندوق جي ويجھو نہ وڃجو، اوهان جي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جيتري وٿي هجڻ گھرجي.“


يشوع ڪاهنن کي چيو تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلو.“ سو هنن اها صندوق کنئي ۽ ماڻهن جي اڳيان هلڻ لڳا.


تون عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ جڏهن هو اردن درياءَ جي ڪناري تي پهچن تہ هو پاڻيءَ ۾ لهي هڪ هنڌ بيهي رهن.“


جيڪي جنگي جوان بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي مان جنگ جي لاءِ آيا هئا سي موسيٰ جي چوڻ مطابق هٿيار ٻڌي ٻين ماڻهن کان اڳ ۾ جلدي جلدي عهد واري صندوق جي اڳيان لنگھي پار ويا ۽ يريحو شهر جي ويجھو ميدان تي لڙائيءَ لاءِ آيا. اهي اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو هئا. پوءِ جيستائين سڀ ماڻهو پار لنگھي نہ ويا ۽ اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو جنهن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ ۽ يشوع کي حڪم ڏنو هو، تيستائين ڪاهن عهد جي صندوق سميت اردن درياءَ جي وچ ۾ بيٺا رهيا.


سو يشوع ڪاهنن کي سڏايو ۽ کين چيائين تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ اوهان مان ست ڪاهن هڪ هڪ نفيل کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلن.“


اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.


لاوين خداوند جي عهد واري صندوق ۽ ان سان گڏ رکيل اها پيتي بہ هيٺ لاٿي، جنهن ۾ سون جون شيون پيل هيون. هنن اُهي انهيءَ وڏي پٿر تي کڻي رکيون. پوءِ انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن بيت‌شمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون قربانيون پيش ڪيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan