Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16-17 تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 3:16
31 Iomraidhean Croise  

انهن پنجن بادشاهن هڪ اتحاد ٺاهيو ۽ انهن جون فوجون سديم جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيون، جيڪا اڄڪلهہ کاري سمنڊ ۾ اچي ويئي آهي.


اخيلود جو پٽ بعنہ: تعناڪ ۽ مجدو شهرن ۾ ۽ بيت‌شان جي ڀرسان واري انهيءَ سڄي علائقي مٿان، جيڪو ضرتان ڳوٺ جي ويجھو، يزرعيل ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ويندي ابيل محولہ ۽ يقمعام شهرن تائين آهي.


بادشاهہ انهن شين کي اردن جي ماٿريءَ واري ميدان ۾، سڪات ۽ ضرتان ڳوٺن جي وچ واري علائقي ۾ چيڪي مٽيءَ واري پڪل ڪالب ۾ پلٽرايو.


ڳاڙهي سمنڊ جڏهن خدا کي ڏٺو تڏهن اهو پٺتي هٽي ويو، اردن درياءُ پڻ کيس ڏسي پٺئين پاسي وهڻ لڳو.


اي سمنڊ! ٻڌاءِ تو کي ڇا ٿيو؟ تون ڇو پٺتي هٽي وئين؟ اي اردن درياءَ! تو کي ڇا ٿيو؟ تون پٺتي ڇو وهڻ لڳو هيئن؟


خداوند ئي اونهن پاڻين تي تخت‌نشين آهي، هو بادشاهہ طور هميشہ هميشہ تخت‌نشين رهندو.


هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند رکي ٿو، هائو، هو وڏن وڏن بحرن کي سندن مقرر جاءِ ۾ بند رکي ٿو.


هن سمنڊ کي ڦيرائي سڪي زمين ڪري ڇڏيو هو، ۽ درياءَ کي پڻ، تہ جيئن اسان جا ابا ڏاڏا انهيءَ مان پيادل لنگھي وڃن. اچو تہ سندس انهن ڪمن جي ڪري اسين خوشيون ملهايون.


تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا.


تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن.


هن سمنڊ کي چيري انهيءَ ۾ رستو ٺاهيو، ۽ پاڻيءَ کي بلڪل ڀت جيان بيهاري کين پار ٽپائي آندو.


موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.


بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. هنن جي ٻنهي پاسن کان پاڻي ڀت وانگر ٿي پيو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو ۽ پاڻي هنن جي ٻنهي پاسن کان ڀت وانگر بيٺو هو.


تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو، ۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو. هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


تڏهن هن مون کي ٻڌايو تہ ”هي پاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جي اوڀر واري علائقي ڏانهن وهندي هيٺ اردن جي ماٿريءَ ۾ لهي وڃي ٿو، جتان اهو کاري سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو. جڏهن اهو سمنڊ ۾ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪري ڇڏي ٿو.


هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.


اي خداوند! ڇا اڳي تون ندين کان ناراض هئين؟ تنهنجي ڪاوڙ نهرن تي هئي ڇا؟ تنهنجو غصو سمنڊن جي خلاف هو ڇا؟ جو تون پنهنجي گھوڙن، ۽ فتح ڪندڙ جنگي گھوڙي گاڏين تي سوار هئين.


اوهان جو ڏکڻ وارو حصو صين جي بيابان تان ٿيندو، جيڪو ادوم جي سرحد تي آهي. انهيءَ حصي جي سرحد جو اوڀر وارو پاسو کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿيندو.


هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا.


انهن ٻنهي علائقن جي اولهہ طرف سرحد اردن درياءُ آهي، يعني گليل ڍنڍ کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جتي سمنڊ جي اوڀر ۾ پسگاہ جبل جون لاهيون پکڙيل آهن، سو سڀ پڻ مون انهن کي ڏنو.


هن جي بادشاهي اردن درياءَ جي اوڀر واري ميدان تي پڻ هئي، يعني گليل ڍنڍ کان کاري سمنڊ تائين بيت‌يسيموت ڏانهن ويندڙ رستي تي ۽ ڏکڻ ۾ وري پسگہ جي لاهيءَ جي هيٺ تائين.


سندن ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿي،


ينوحاہ کان هيٺ لهي عطارات ۽ نعراتہ ڏانهن وڃي يريحو شهر تائين پهتي ۽ پوءِ اتان نڪري اردن درياءَ تي وڃي ختم ٿي.


جنهن وقت سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهنن جا پير اردن درياءَ جي پاڻيءَ ۾ لڳندا انهيءَ ئي وقت اردن درياءَ جي پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويندو ۽ پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي بيهي رهندو.“


تڏهن اوهين پنهنجن ٻارن کي ٻڌائجو تہ ’بني اسرائيل هن وهندڙ اردن درياءَ وچان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار آيا هئا.‘


امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.


جڏهن جِدعون جي ٽي سؤ ماڻهن نفيلون وڄايون تڏهن خداوند مدياني لشڪر کان پاڻ ۾ هڪٻئي تي تلوار هلرائي. هو اتان صريرات جي پاسي بيت‌سطہ تائين ۽ طبات جي سامهون ابيل‌محولہ جي سرحد تائين ڀڄي ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan