يشوع 3:15 - Muslim Sindhi Bible15 اردن درياءُ هميشہ وانگر فصل جي موسم ۾ ڪنارن کان ٻاهر وهي رهيو هو. پر جيئن ئي صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ تي آيا ۽ سندن پير ڪناري واري پاڻيءَ ۾ پيا، Faic an caibideilSindhi Bible15 ۽ صندوق کڻڻ وارا يردن وٽ آيا، ۽ ڪاهنن جا پير ڪناري واري پاڻيءَ ۾ ٽٻيا، (ڇالاءِ جو يردن فصل جي موسم ۾ پنهنجن سڀني ڪنارن تان اُٿلي پوندي آهي،) Faic an caibideil |
جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“