Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جنهن وقت سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهنن جا پير اردن درياءَ جي پاڻيءَ ۾ لڳندا انهيءَ ئي وقت اردن درياءَ جي پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويندو ۽ پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي بيهي رهندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت خداوند، يعني ساري دنيا جي خداوند جي صندوق کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير يردن جي پاڻيءَ ۾ لڳندا، انهيءَ وقت يردن جو پاڻي هيٺ ايندڙ پاڻيءَ کان ڌار ٿي پوندو، ۽ چڙهي بيهي رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 3:13
13 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! عظمت، قدرت ۽ جلال وارو، ۽ شان وَ شوڪت ۽ حشمت وارو تون ئي آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ زمين ۽ آسمان ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند! تنهنجي ئي بادشاهي آهي ۽ تون ئي سڀني حاڪمن جو بہ حاڪم آهين.


هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند رکي ٿو، هائو، هو وڏن وڏن بحرن کي سندن مقرر جاءِ ۾ بند رکي ٿو.


تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا.


هن سمنڊ کي چيري انهيءَ ۾ رستو ٺاهيو، ۽ پاڻيءَ کي بلڪل ڀت جيان بيهاري کين پار ٽپائي آندو.


تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو، ۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو. هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


تو پنهنجي گھوڙن سان سمنڊ کي لتاڙيو هو، هيڏي وڏي پاڻيءَ کي ولوڙيندو لنگھي ويو هئين.


تڏهن هن ٻڌايو تہ ”هي انهن ٻن شخصن ڏانهن اشارو آهي، جن کي رب العالمين جي خاص خدمت لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو آهي.“


تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ ’جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق اردن درياءَ منجھان گذري تہ درياءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو هو.‘ سو اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ جي واسطي انهيءَ ڳالهہ جي يادگيريءَ جي نشاني ٿي رهندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan