Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 24:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ مون اوهان کي امورين جي ملڪ ۾ آندو جنهن جا ماڻهو اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر اوڀر پاسي رهندا هئا. اهي اوهان سان وڙهيا پر مون اوهان کي انهن تي سوڀ ڏني. مون انهن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪري ڇڏيو ۽ اوهان انهن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ مون اوهان کي امورين جي زمين ۾ آندو، جي يردن جي هن ڀر رهندا هئا؛ ۽ اُهي اوهان سان وڙهيا: ۽ مون اُهي ئي اوهان جي هٿن ۾ ڏنا، ۽ اوهان هنن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي؛ ۽ مون انهن کي اوهان جي اڳيان چٽ ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 24:8
10 Iomraidhean Croise  

تو هنن کي بادشاهتون ڏنيون ۽ قومون سندن قبضي هيٺ ڪيون. تو هنن جي بادشاهت جون حدون پري پري تائين وڌائي ڇڏيون. هنن حشبون جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ تي، توڙي بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ تي پڻ قبضو ڪيو.


جڏهن منهنجو فرشتو اوهان جي اڳيان هلندو رهندو ۽ اوهان کي امورين، حتين، فرزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ اندر وٺي ويندو تڏهن آءٌ انهن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس.


اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.


تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري يهض شهر جي ويجھو آيو.


۽ امورين جي بادشاهہ سيحون جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو تنهن جا سڀ شهر، ويندي بني عمون جي سرحد تائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan