Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 24:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن مون خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو ۽ مون انهن ۽ مصرين جي وچ ۾ اونداهي آڻي ڇڏي. پوءِ مون سمنڊ کي اٿلائي مصرين جي مٿان وڌو تہ اهي ٻڏي ويا. جيڪي مون مصرين سان ڪيو سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. پوءِ اوهين گھڻو ئي وقت بيابان ۾ رهيا پيا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن هن اوهان جي ۽ مصرين جي وچ ۾ اونداهي وڌي، ۽ سمنڊ انهن جي مٿان آندائين، ۽ انهن کي ڍڪي ڇڏيائين؛ ۽ جيڪي مون مصر ۾ ڪيو سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ۽ اوهين گهڻا ڏينهن بيابان ۾ رهيا پيا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 24:7
14 Iomraidhean Croise  

جڏهن فرعون ويجھو اچي پهتو ۽ بني اسرائيل ڏٺو تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا پيا اچن، تڏهن هو ڏاڍا اچي ڊنا ۽ خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا.


اهو مصرين جي لشڪر ۽ بني اسرائيل جي لشڪر جي وچ ۾ وڃي بيٺو. اهو مصرين جي لاءِ اونداهو ڪڪر هو، پر بني اسرائيل جي لاءِ رات جو روشني ڏيندڙ هو. تنهنڪري سڄي رات ٻئي لشڪر هڪٻئي کي ويجھو اچي نہ سگھيا.


جڏهن بني اسرائيل اها عظيم قدرت، جيڪا خداوند مصرين تي ظاهر ڪئي سا ڏٺي، تڏهن اهي خداوند کان ڊنا. انهيءَ سبب هنن خداوند تي ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ڀروسو ڪيو.


سو اوهين ڪيترن ئي ڏينهن تائين قادش ۾ رهيا، ايتري قدر جو ڪافي عرصو گذري ويو.“


قادش‌برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، برساتي نهر زارد جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ سال لڳا. انهيءَ عرصي ۾ خيمي‌گاهہ منجھان سڀ جنگي مرد مري کپي ويا، جيئن خداوند انهن جي باري ۾ قسم کڻي چيو هو.


موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گھرائي کين چيو تہ ”خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهان جي اکين اڳيان فرعون، سندس سڀني عملدارن ۽ سندس سڄي ملڪ سان جيڪي ڪجھہ ڪيو سو اوهان پاڻ ڏٺو.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


اهي ڪير هئا جن کان خدا چاليهن سالن تائين ناراض رهيو؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ‌پٽ ۾ پيا رهيا؟


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ پئي رليا ۽ انهيءَ عرصي دوران اهي سڀ جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪتا هئا سي مري کپي ويا، ڇو تہ هنن خداوند جي نافرماني ڪئي هئي. خداوند بہ ساڻن قسم کنيو تہ جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي سو کين ڏسڻ بہ ڪين ڏيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan