Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 24:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تنهن تي هن کين چيو تہ ”چڱو هاڻي اهي ڌاريا معبود جيڪي اوهان وٽ آهن سي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان لڳايو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 هن چيو تہ تڏهن هاڻي اهي ڌاريا معبود، جي اوهان منجهہ آهن، سي اُڇلائي ڇڏيو، تہ پنهنجي دل خداوند اسرائيل جي خدا سان لڳايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 24:23
16 Iomraidhean Croise  

شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين ئي هجي جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو. شال هو اسان کي نہ ڇڏي ۽ نہ ڦٽو ڪري.


شل هو اسان جي دلين کي پاڻ ڏانهن ڦيري تہ جيئن اسين سندس فرمانبرداري ڪريون ۽ سندس انهن حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪريون جيڪي هن اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا.


اي خداوند! منهنجيءَ دل کي دنياداريءَ کان بچائي، پنهنجي حڪمن ڏانهن مائل ڪر.


منهنجيءَ دل کي تون ڪنهن بہ برائيءَ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بڇڙائي ڪرڻ ۾ بدڪار ماڻهن سان شامل ٿي وڃان. اي خداوند! انهن جي سنگت ۾ ويهي لذيذ کاڌا کائڻ کان بہ مون کي پري رک.


آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو. اوهين مون کان رڳو گھري ڏسو، آءٌ اوهان کي هر نعمت عطا ڪري ڇڏيندس.


اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو.


اوهين دانائيءَ واريون ڳالهيون ٻڌو ۽ انهن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو.


تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“


يشوع پنهنجي ڳالهہ جاري رکندي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻ اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ سچي نيت ۽ وفاداريءَ سان سندس عبادت ڪريو. جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ۽ مصر ۾ پوڄا ڪندا هئا تن کي اوهين اڇلائي ڇڏيو ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan