Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 24:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اڳئين زماني ۾، اوهان جا ابا ڏاڏا توڙي تارح، ابراهيم ۽ نحور جي پيءُ جي وقت تائين فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر رهندا هئا، جتي هو ٻين معبودن جي پوڄا ڪندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جا ابا ڏاڏا اڳئين زماني ۾ نديءَ جي هن ڀر رهندا هئا، يعني تارح، ابرهام جو پيءُ، ۽ نحور جو پيءُ: ۽ اُهي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 24:2
16 Iomraidhean Croise  

جڏهن سروج ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس نحور نالي پٽ ڄائو.


جڏهن نحور اوڻٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس تارح نالي هڪ پٽ ڄائو.


جڏهن تارح ستر سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ابرام، نحور ۽ حاران نالي ٽي پٽ ڄاوا. حاران کي لوط ڄائو.


جڏهن لابن پنهنجن رڍن جي اُن ڪترڻ لاءِ ويل هو تہ راخل پنهنجي پيءُ جي گھر جا بت چوري ڪري کڻي ويئي.


خير، هاڻي تون نڪتو تہ آهين ئي جو پنهنجي پيءُ جي گھر جي سڪ اٿيئي، پر تو منهنجا بت ڇو چورايا آهن؟“


باقي جنهن ماڻهوءَ وٽ توهان جا بت هجن تنهن کي ڀلي ماري ڇڏيو. اسان جي مائٽن جي روبرو هلي ڏسو تہ توهان جي ڪهڙي شيءِ مون وٽ آهي، سا کڻي وڃو.“ پر يعقوب کي اها خبر ڪانہ هئي تہ راخل اهي بت چورائي آندا آهن.


شل ابراهيم جو معبود، نحور جو معبود ۽ سندن پيءُ جا معبود پڻ اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن.“ تڏهن يعقوب انهيءَ خدا جو قسم کنيو جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


سو هنن وٽ جيڪي بہ بت هئا ۽ جيڪي بہ ڪنن ۾ واليون پاتل هئن، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون. يعقوب اهي سڀ شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ پوري ڇڏيا، جيڪو سڪم شهر جي ويجھو هو.


۽ انهيءَ مان ابرام يعني ابراهيم.


تون يروشلم کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم جي وسندي! تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعان ملڪ آهي. تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.


يهوداہ پٽ يعقوب جو، يعقوب پٽ اسحاق جو، اسحاق پٽ ابراهيم جو، ابراهيم پٽ تارح جو ۽ تارح پٽ نحور جو،


تڏهن اوهين اتي خداوند جي آڏو هيئن چئجو تہ ’منهنجو پيءُ اسرائيل هڪڙو بي‌ماڳو ارامي ماڻهو هو. هو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري وڃي مصر ۾ ڌاريو ٿي رهڻ لڳو. اتي هو هڪڙي وڏي، طاقتور ۽ گھڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو.


هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan