يشوع 24:15 - Muslim Sindhi Bible15 هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“ Faic an caibideilSindhi Bible15 ۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين. Faic an caibideil |