Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 24:14 - Muslim Sindhi Bible

14 يشوع پنهنجي ڳالهہ جاري رکندي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻ اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ سچي نيت ۽ وفاداريءَ سان سندس عبادت ڪريو. جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ۽ مصر ۾ پوڄا ڪندا هئا تن کي اوهين اڇلائي ڇڏيو ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 24:14
34 Iomraidhean Croise  

جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


سو يعقوب پنهنجي گھراڻي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن سڀني کي چيو تہ ”اوهان وٽ جيڪي بہ بت آهن تن کي اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پاڪ ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو.


”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


جيڪي حڪم تو پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت فرمايا هئا تہ ’جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا سو اتان جي ماڻهن جي گندگيءَ جي ڪري ناپاڪ آهي. هنن پنهنجي مڪروہ عملن سان ان ملڪ کي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو آهي.


عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.


تڏهن خدا انسان کي چيو تہ ”ياد رک، مون خداوند جو خوف رکڻ ئي ڏاهپ آهي، ۽ برائيءَ کان پري رهڻ ئي دانائي آهي.“


خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن، جيڪي پوريءَ طرح سچ جي راهہ تي هلن ٿا، هائو، اهي ئي جيڪي خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


شل منهنجي دل پوريءَ طرح تنهنجي قانونن کي مڃيندي رهي! تان‌تہ مون کي ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ٿئي.


پر تو وٽ گناهن جي مغفرت آهي، تان‌تہ ماڻهو تنهنجي تعظيم ڪن.


آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو. اوهين مون کان رڳو گھري ڏسو، آءٌ اوهان کي هر نعمت عطا ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ سندن نوجوان نسل کي خبردار ڪري چيو تہ ’اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قاعدن قانونن تي نہ هلو، نڪي سندن ريتن رسمن تي عمل ڪريو ۽ نہ وري انهن جي بتن جي پوڄا ڪري پاڻ کي پليت ڪريو.


اهي مصر ۾ رهنديون هيون ۽ جڏهن اهي نوجوان ٿيون تہ هنن زناڪاري ڪئي ۽ ڪسبياڻيون بڻيون. اتي هنن پنهنجي بدن کي ٻين جي حوالي ڪيو ۽ سندن ڪنوارپڻو باقي نہ رهيو.


پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.


اڳتي بني اسرائيل جا ماڻهو ٻڪر جي ڀوتن جي لاءِ پنهنجيون قربانيون نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح هو مون سان بي‌وفائي ٿا ڪن. اهو ئي هنن جي لاءِ سندن پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون ٿيندو.‘


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


شل انهن سڀني تي فضل ٿيندو رهي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.


”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بي‌قصور ٿي رهجو.“


بلڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، انهيءَ جي ئي عبادت ڪجو ۽ انهيءَ جي ئي نالي جو قسم کڻجو.


جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو.


تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اڳئين زماني ۾، اوهان جا ابا ڏاڏا توڙي تارح، ابراهيم ۽ نحور جي پيءُ جي وقت تائين فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر رهندا هئا، جتي هو ٻين معبودن جي پوڄا ڪندا هئا.


تنهن تي هن کين چيو تہ ”چڱو هاڻي اهي ڌاريا معبود جيڪي اوهان وٽ آهن سي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان لڳايو.“


تنهنڪري جيڪڏهن اوهين خداوند جو خوف ڪندا رهندا، سندس عبادت ڪندا، انهيءَ جا ئي حڪم مڃيندا ۽ سندس خلاف باغي نہ ٿيندا، هائو، جيڪڏهن اوهين توڙي اهو بادشاهہ جيڪو اوهان تي بادشاهي ٿو ڪري، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪندا تہ اهو اوهان ۽ اوهان جي بادشاهہ لاءِ چڱو ٿيندو.


اوهين رڳو ايترو ڪريو جو خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ دل وَ جان سان ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪريو. ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪيڏا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن!


تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan