Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 24:12 - Muslim Sindhi Bible

12 مون اوهان جي اڳيان اڳيان ٻن اموري بادشاهن ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو ۽ اهي اوهان جي اڳيان وٺي ڀڳا. انهن کي اوهان جي تلوار يا تيرڪمان ڪونہ ڀڄايو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ مون اوهان جي اڳيان چيلاٽو موڪليو، جنهن هنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، يعني امورين جي ٻنهي بادشاهن کي، نہ اوهان جي ترار سان، نڪي اوهان جي ڪمان سان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 24:12
13 Iomraidhean Croise  

هائو، امورين جي بادشاهہ سيحون کي، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهن کي هن قتل ڪري ڇڏيو.


جبل پهاڙ بہ ان جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويا. ان جون ٽاريون اهڙيون مضبوط هيون، ڄڻ ديال جو مضبوط وڻ هجي.


انهيءَ کي اتي پوکڻ لاءِ تو زمين کي تيار ڪيو هو. سو ان جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي، ۽ اهو سڄي ملڪ تي پکڙجي ويو.


آءٌ اوهان کان اڳ ۾ حوين، ڪنعانين ۽ حتين ۾ اهڙو ٽاڪوڙو وجھندس جو اهي اوهان جي اڳيان پنهنجو ملڪ ڇڏي ڀڄي نڪرندا.


آءٌ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي فلستين جي سمنڊ تائين ۽ بيابان کان وٺي فرات نديءَ تائين اوهان جي حد مقرر ڪندس. هن ڪري جو آءٌ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو اوهان جي حوالي ڪندس ۽ اوهين انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندا.


پوءِ امورين تي فتح حاصل ڪرڻ بعد بني اسرائيل سندن ملڪ ۾ رهڻ لڳا.


تڏهن موسيٰ يعزير شهر تي پڻ حملي ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪرائي ۽ اهو شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت بني اسرائيل جي قبضي ۾ آندو ويو. اهڙيءَ طرح جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون.


خداوند انهن قومن کي ائين ئي برباد ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج ۽ سندن سڄي ملڪ کي ڪيو هئائين.


هن اهي کين اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ماٿريءَ ۾ بيت‌فعور شهر جي سامهون ٻڌايا، يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جيڪو حشبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ شڪست ڏني.


ان وقت هنن سندس ملڪ کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. اهي ٻئي امورين جا بادشاهہ هئا جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي رهندا هئا.


انهيءَ کان سواءِ خداوند اوهان جو خدا انهن ۾ ٽاڪوڙو وجھندو انهيءَ لاءِ تہ هنن مان جيڪي بچي اوهان کان لڪي پيا هوندا، تن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏي.


اسان ٻڌو آهي تہ جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن ڪهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو هو. اسان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اوهان اردن درياءَ جي اوڀر طرف امورين جي ٻن بادشاهن، سيحون ۽ عوج جون ڪيئن پاڙون پٽي ڇڏيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan