Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 24:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ هن لعنت وجھڻ جي بجاءِ گھڙيءَ گھڙيءَ اوهان کي دعا ٿي ڏني. اهڙيءَ طرح مون اوهان کي بلق جي هٿن کان بچايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ مڃي؛ تنهنڪري هو اوهان جي حق ۾ برڪت ڏيندو رهيو: انهيءَ طرح مون اوهان کي انهيءَ جي هٿن مان ڇڏايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 24:10
10 Iomraidhean Croise  

پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي منهنجي قوم! ياد ڪريو تہ موآب جي بادشاهہ بلق اوهان بابت ڪهڙا بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙيا هئا، ۽ بلعام ولد بعور هن کي ڪهڙي ورندي ڏني هئي. اهو بہ ياد ڪريو تہ شطيم کان جِلجال تائين اوهان سفر ڪندي ڪهڙي نموني اردن درياءُ پار ڪيو. پوءِ اوهين مڃيندا تہ اوهان کي بچائڻ لاءِ مون خداوند ڇا ڇا ڪيو.“


پر خداوند جي ملائڪ بلعام کي چيو تہ ”تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ. پر جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کي چوان رڳو اها ئي تون چئجانءِ.“ سو بلعام بلق بادشاهہ جي موڪليل اڳواڻن سان گڏجي ويو.


پر خداوند اوهان جي خدا بلعام جي نہ ٻڌي، بلڪ اوهان جي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيائين، ڇوجو خداوند اوهان جي خدا کي اوهان سان محبت هئي.


پوءِ اوهين اردن درياءُ پار ڪري يريحو شهر ۾ آيا. انهيءَ شهر جي ماڻهن کان علاوہ اموري، فرزي، ڪنعاني، حتي، جِرجاشي، حوي ۽ يبوسي قوم وارن پڻ اوهان سان جنگ ڪئي. پر مون اوهان کي انهن سڀني تي فتح ڏني.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan