Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 23:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تنهن جي سڀني حڪمن تي خبرداريءَ ۽ گھڻي همت سان عمل ڪجو، انهيءَ کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ مڙجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن سڀ جي همت جهلي پيروي ۽ تعميل ڪجو، تہ اوهين انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 23:6
14 Iomraidhean Croise  

خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جو خيال ڪجانءِ. انهيءَ جي واٽ تي هلجانءِ. سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪجانءِ، جيڪي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن جيڪي بہ تون ڪرين ۽ جيڏانهن بہ تون وڃين، ڪاميابي حاصل ڪرين.


آءٌ ڪنهن بہ بڇڙائيءَ کي برداشت نہ ڪندس. بلڪ جيڪي ڏنگيءَ راهہ تي هلن ٿا، تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي. انهن ماڻهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي.


مون تنهنجي قاعدن قانونن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو سکيا ڏيندڙ تون خداوند آهين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.


سجاڳ رهو، ايمان تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“


انهيءَ جو مقصد اهو بہ آهي تہ هو پاڻ کي پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل کان وڌيڪ نہ سمجھي، نڪي هن حڪم کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڦري، تان‌تہ بني اسرائيل منجھہ هن جي ۽ سندس اولاد جي بادشاهيءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿين.“


ان کان سواءِ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي يا کاٻي طرف ڦري اوهين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا نہ ڪندا.“


تنهنڪري خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيڪو حڪم ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو ۽ گمراهہ نہ ٿجو.


ڏسو، گناهہ جي خلاف وڙهندي اوهان اڃا تائين اهڙو مقابلو نہ ڪيو آهي جو اوهان جو رت وهايو ويو هجي.


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan