Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 23:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هي قومون جيڪي باقي بچيون آهن تن جي زمين ۽ پڻ انهن قومن جي زمين جن کي مون فتح ڪيو آهي، اردن درياءَ کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين، سا اوهان جي قبيلن کي مون ورثي طور ورهائي ڏني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ڏسو، هي قومون جي باقي رهيون آهن، سي انهن سڀني قومن سميت، جن کي مون ناس ڪري ڇڏيو آهي، يردن کان وٺي اُلهندي ۾ وڏي سمنڊ تائين، سي مون ورثو ڪري اوهان کي ورهائي ڏنيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 23:4
9 Iomraidhean Croise  

جڏهن يعقوب کي فرمايائين تہ ”آءٌ تو کي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تان‌تہ اهو ملڪ تنهنجي ميراث ٿئي.“


هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.


سو ٿورا ٿورا ڪري آءٌ اهي ڀڄائي ڪڍندس، جيستائين اوهين وڌي وڃو ۽ زمين جا وارث ٿيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون قومن کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهن جا ڪوٽ ڊاهي ڇڏيا اٿم. مون هنن جون گھٽيون اهڙيون ويران ڪري ڇڏيون آهن، جو اتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگھي. هائو، انهن جا شهر اهڙا اجڙي ويا آهن، جو منجھن ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.


”جن قومن جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تن قومن کي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سامهون تباهہ ڪري ڇڏيندو ۽ اوهين سندن ملڪ تي قبضو ڪري ان ۾ رهڻ لڳندا.


جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين ۽ جسُورين جا سڀ علائقا،


تڏهن يشوع هنن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي آڏو ڪُڻان وڌا ۽ اتي هن بني اسرائيل جي باقي بچيل قبيلن کي اهو ملڪ ورهائي ڏنو.


سو آءٌ بہ انهن قومن، جيڪي يشوع جي وفات وقت اڃان بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهيون ٿي، تن مان ڪنهن هڪڙيءَ کي بہ اتان هڪالي نہ ڪڍندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan