Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 23:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي ڀڄائي سگھي ٿو، ڇوجو خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 23:10
27 Iomraidhean Croise  

دائود وٽ جيڪي بهادر سپاهي هئا، تن مان ٽن جا نالا هي آهن: يوشيب‌بشيبت تحڪموني، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن مان مکيہ بهادر هو، جنهن نيزو کڻي هڪڙي ئي مقابلي ۾ اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا هئا.


جنگ ۾ خدا جي مدد ساڻن هئي، سو خدا سڀني هاجرين ۽ انهن جي اتحادين کي سندن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ دوران هنن خدا کي ٻاڏايو. خدا سندن دعا ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.


انهيءَ جنگ ۾ هنن گھڻا ئي ماڻهو ماري ڇڏيا، ڇو تہ اها جنگ خدا جي مرضيءَ سان هئي. پوءِ جلاوطنيءَ تائين هو انهيءَ ئي علائقي ۾ رهندا آيا.


اي خداوند! جيڪي مون سان جھڳڙو ڪن ٿا، تن سان تون جھڳڙو ڪر. هائو، تون انهن سان وڙهہ جيڪي مون سان وڙهن ٿا.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


خداوند اوهان جي طرفان پاڻ جنگ ڪندو. اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.“


هڪڙي دشمن سپاهيءَ جي دڙڪي سان اوهان جا هڪ هزار ماڻهو ڀڄي نڪرندا. پنجن دشمنن جي دڙڪي سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا. ايتري قدر جو اوهان مان ڪوبہ باقي نہ رهندو، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي، جيڪو ڄڻ ويران ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪنهن ٿنڀي يا جھنڊي جيان ڏسڻ ۾ اچي.


اوهين پنهنجن دشمنن جو پيڇو ڪندا ۽ اهي اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.


اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن جو پيڇو ڪندا ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن جو پيڇو ڪندا. اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.


پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان.


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


هو کين چوي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو، سو اوهين دل نہ لاهجو. اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو ۽ نہ وري انهن کي ڏسي دهلجي وڃجو.


خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان گڏ ٿو هلي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري اوهان کي فتح بخشي.‘


اوهان جا دشمن جيڪي اوهان تي اچي حملو ڪندا، تن کي خداوند اوهان جي اڳيان شڪست ڏيندو. اهي هڪڙي رستي کان اوهان تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان اوهان جي اڳيان وٺي ڀڄندا.


سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.‘“


سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.


خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟


اهي سڀ بادشاهہ ۽ انهن جا علائقا، يشوع هڪڙي ئي ڦيري ۾ قبضي ڪيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهن پاران وڙهيو پئي.


سو اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ئي محبت رکڻ ۾ خبردار رهو.


جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان خاطر هنن سڀني قومن سان ڪيو آهي سو سڀ اوهان پاڻ ڏٺو آهي. اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي جيڪو اوهان جي پاران وڙهيو آهي.


هن اُتي هڪڙي گڏهہ جي تازي ڄاڙهہ پيل ڏٺي جيڪا جھپڙ ڏيئي کنيائين ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.


اهود کان پوءِ شمجر ولد عنات اڀريو، جنهن بني اسرائيل کي فلستين کان بچايو. هن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا.


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan