Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 22:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 22:9
19 Iomraidhean Croise  

اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.


اوڀر طرف هنن ان بيابان تائين زمين تي قبضو ڪيو جيڪو فرات نديءَ تائين پکڙيل آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو چوپايو مال جِلعاد جي علائقي ۾ وڌي ويو هو.


جِلعاد جو علائقو منهنجو آهي ۽ منسي بہ منهنجو آهي، افرائيم منهنجو لوهي ٽوپ آهي، ۽ يهوداہ منهنجي شاهي لٺ آهي.


روبن ۽ جد قبيلي وارن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو هو. سو جڏهن انهن يعزير ۽ جِلعاد جي زمين تي نظر ڪئي تہ ڏٺائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لاءِ نهايت سٺو آهي،


تڏهن موسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين ائين ڪريو جو خداوند جي آڏو هٿيار ٻڌي جنگ تي وڃو


پوءِ جڏهن اهو ملڪ خداوند جي آڏو قبضي ٿي وڃي، تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي هتي موٽي اچو. تڏهن اوهين خداوند ۽ بني اسرائيل جي جنگي فرض کان آجا رهندا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف وارو هيءُ ملڪ خداوند جي طرفان اوهان کي ملڪيت ٿي ملندو.


اسان جا ٻار، اسان جون زالون، اسان جو چوپايو مال ۽ اسان جا سمورا جانور هتي جِلعاد جي شهرن ۾ رهندا.


”جيڪڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن مان هر ڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر جنگ تي هلي تہ جڏهن انهيءَ ملڪ تي اوهان جو قبضو ٿي وڃي، تڏهن اوهين جِلعاد جو علائقو انهن کي ملڪيت ڪري ڏجو.


انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو تہ ’خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ميراث ڪري ڏنو آهي. سو اوهين سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي اڳيان درياءَ پار هلو.


جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘


پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگاہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جيڪا يريحو شهر جي سامهون آهي. خداوند هن کي جِلعاد جو سڄو علائقو اتر طرف دان شهر تائين ڏيکاريو.


انهيءَ ۾ جِلعاد، جسُورين ۽ معڪاتين جا علائقا، سڄو حرمون جبل ۽ سلڪہ تائين سڄو بسن شامل آهن.


يعزير جو علائقو، جِلعاد جا سڀ شهر ۽ بني عمون جي اڌ زمين عروعير تائين، جيڪو ربہ جي سامهون آهي،


منجھس اڌ جِلعاد، عستارات ۽ ادرعي، جيڪي بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا گاديءَ وارا شهر هئا، سي پڻ شامل هئا. اهي سڀ منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي اڌ گھراڻن کي ڏنا ويا.


جڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جو اڌ قبيلو ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اردن درياءَ جي ويجھو جليلوت وٽ پهتا تڏهن انهن اتي ئي هڪڙي شاندار قربان‌گاهہ ٺاهي.


تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا.


اوهين بہ اي جِلعاد علائقي جا گھراڻؤ! ڇو اردن جي هُن پار ئي رهيئُہ؟ اي دان قبيلي وارؤ! ڇو سمنڊ ۾ ٻيڙين تي ئي رهجي ويئُہ؟ ۽ اي آشر جي قبيلي وارؤ! سمنڊ ڪناري تي ڇو ماٺ ڪيو ويٺا رهيئُہ؟ ڇو پنهنجين سمنڊ وارين کارين وٽ ئي رهي پيئُہ؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan