يشوع 22:6 - Muslim Sindhi Bible6-8 جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني. Faic an caibideilSindhi Bible6 پوءِ يشوع هنن کي برڪت ڏيئي روانو ڪيو، ۽ هو پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا. Faic an caibideil |
انهيءَ کان پوءِ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي. تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل جي بادشاهہ اڄ ڪهڙو نہ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، جو هن پاڻ کي پنهنجي نوڪرن جي ٻانهين جي اڳيان اگھاڙو ڪيو، جيئن ڪو خسيس ماڻهو بيشرم ٿي پاڻ کي اگھاڙو ڪري.“