يشوع 22:5 - Muslim Sindhi Bible5 پر خبرداريءَ سان شريعت جي انهن حڪمن تي عمل ڪجو جن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو، يعني تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، هن جي سڀني راهن تي هلجو، سندس حڪمن جي تعميل ڪجو، ساڻس چهٽيل رهجو ۽ دل وَ جان سان سندس عبادت ڪجو.“ Faic an caibideilSindhi Bible5 رڳو خبرداريءَ سان ڪوشش ڪري انهيءَ حڪم ۽ انهيءَ شريعت جي تعميل ڪجو، جنهن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو ۽ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، ۽ هن جي سڀني راهن تي هلندا رهجو، ۽ سندس حڪمن تي پورا رهجو، ۽ هن سان چهٽيل رهجو، ۽ پنهنجي ساريءَ دل ۽ ساري روح سان سندس عبادت ڪجو. Faic an caibideil |
خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“
تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہتائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“