Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 22:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 22:4
16 Iomraidhean Croise  

هن کين چيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا اوهان سان آهي. هن اوهان کي هر طرف کان آرام ڏنو آهي. هن ملڪ ۾ جيڪي اڳ رهندا هئا، تن کي هن منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي ۽ هاڻي هو سڀ خداوند جي ۽ اوهان جي تابع آهن.


تڏهن خداوند فرمايو تہ ”آءٌ تو سان گڏ هلندس ۽ تو کي آرام ڏيندس.“


جيستائين بني اسرائيل مان هر هڪ ماڻهو پنهنجو ورثو هٿ نہ ڪندو، تيستائين اسين پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ڪين اينداسين.


پر اڃا تائين اوهين انهيءَ آرام ۽ ميراث واري هنڌ تي ڪونہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي.


اسان انهن جو ملڪ هٿ ڪري، اهو بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنو.


جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘


ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ خدا ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.


جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“


خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل انهن ٻنهي بادشاهن کي شڪست ڏني ۽ موسيٰ انهن جو ملڪ بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ورهائي ڏنو.


جيڪو علائقو موسيٰ روبن قبيلي کي سندن گھراڻن موجب ڏنو هو سو هي هو:


منسيءَ جي ٻئي اڌ قبيلي، بني روبن ۽ بني جد کي اڳ ۾ ئي ورثو ملي چڪو هو جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اردن درياءَ جي اوڀر طرف ڏنو هو.


هيترن ڏينهن ۾ اوهان اڄ تائين پنهنجن بني اسرائيل جي ٻين قبيلن وارن کي هڪ دفعو بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر خداوند پنهنجي خدا جا سونپيل ڪم پئي پورا ڪيا اٿوَ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan