يشوع 22:34 - Muslim Sindhi Bible34 بني روبن ۽ بني جد قربانگاهہ تي نالو رکيو تہ ”هي اسان سڀني جي وچ ۾ شاهد آهي تہ خداوند ئي خدا آهي.“ Faic an caibideilSindhi Bible34 ۽ بني روبن ۽ بني جد انهيءَ قربانگاهہ کي عيد جو نالو ڏنو، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اها انهي ڳالهہ جي اسان جي وچ ۾ شاهد آهي، تہ خداوند ئي خدا آهي. Faic an caibideil |
اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.
بلڪ انهيءَ لاءِ ٺاهي اٿئون تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اسان کان پوءِ اسان جي پيڙهين ۽ اوهان جي پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي، تہ اسين خداوند جي مقدس خيمي ۾ پنهنجن ساڙڻ وارين قربانين، ذبح ڪرڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين سان سندس عبادت ڪندا رهون. پوءِ اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چئي نہ سگھندو تہ ’خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.‘