يشوع 22:25 - Muslim Sindhi Bible25 خداوند اسان ۽ اوهان بني روبن ۽ بني جد جي وچ ۾ اردن درياءُ کي سرحد مقرر ڪيو آهي، خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو نہ آهي.‘ سو اهڙيءَ طرح اوهان جو اولاد متان اسان جي اولاد کي خداوند جي عبادت کان روڪي ڇڏي. Faic an caibideilSindhi Bible25 ڇالاءِ جو اي بني روبن، ۽ بني جد، خداوند اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ يردن حد ٺهرائي آهي؛ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي: انهي طرح اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي خداوند جي خوف کان روڪي ڇڏي. Faic an caibideil |
جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ”دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.
بلڪ انهيءَ لاءِ ٺاهي اٿئون تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اسان کان پوءِ اسان جي پيڙهين ۽ اوهان جي پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي، تہ اسين خداوند جي مقدس خيمي ۾ پنهنجن ساڙڻ وارين قربانين، ذبح ڪرڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين سان سندس عبادت ڪندا رهون. پوءِ اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چئي نہ سگھندو تہ ’خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.‘
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘