Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 22:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جيڪڏهن خداوند کان منهن موڙڻ لاءِ اسان پنهنجي قربان‌گاهہ ٺاهي آهي، يا انهيءَ لاءِ تہ مٿس ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون، يا سلامتيءَ واريون قربانيون ڪيون، تہ پوءِ ڀلي خداوند انهيءَ جو اسان کان حساب وٺي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 ۽ خداوند جي پيروي کان منهن مٽڻ جي ارادي سان پنهنجي لاءِ قربانگاهہ ٺاهي آهي؛ يا جي انهيءَ لاءِ تہ انهي تي سوختني قرباني يا کاڌي جي قرباني، يا سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون، تہ ڀلي خداوند انهي جو اسان کان حساب وٺي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 22:23
10 Iomraidhean Croise  

پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي.


اهڙيءَ طرح بادشاهہ يوآس زڪرياہ جي پيءُ جا اهي احسان بہ وساري ڇڏيا جيڪي هن ساڻس ڪيا هئا، بلڪ سندس پٽ کي مارائي ڇڏيائين. زڪرياہ مرڻ وقت پڪاري چيو تہ ”شل خداوند اهو ڏسي ۽ اوهان سڀني کان انهيءَ جو حساب وٺي.“


جيڪڏهن آءٌ تو کي بدڪارن لاءِ چوان تہ ’اهي ضرور مرندا،‘ پر جي تون انهن کي خبردار نہ ڪرين ۽ نہ وري کين تاڪيد ڪرين جو هو بدڪاريءَ واري رستي کان باز رهندي پنهنجي حياتي بچائي وٺن، تڏهن اهي بدڪار تہ پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري مرندا، پر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.


پر فرض ڪريو تہ انهيءَ نگهباني ڪندڙ شخص دشمنن کي ايندو ڏسي نفيل نہ وڄائي ۽ ماڻهن کي خبردار نہ ڪيو. پوءِ جيڪڏهن دشمنن اچي انهن مان ڪنهن هڪ کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، توڙي جو اهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري قتل ٿيو، تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند انهيءَ جي خون جو ذميوار انهيءَ نگهبان کي بڻائيندس.


جيڪڏهن آءٌ بدڪارن لاءِ چوان تہ اهي پنهنجي گناهن جي ڪري ضرور مرندا، تڏهن ضروري آهي تہ تون انهن کي خبردار ڪر تہ جيئن هو گناهن واري راهہ کان هٽي وڃن. پر جيڪڏهن تون انهن کي خبردار نہ ڪندين تہ پوءِ انهن جي موت جي ذميواري تنهنجي مٿان هوندي.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


جيڪي بہ منهنجيون ڳالهيون هو منهنجي نالي چوندو، سي جيڪڏهن ڪو ماڻهو نہ مڃيندو تہ آءٌ انهيءَ کان ان جو حساب وٺندس.


هرگز نہ، اسان ائين انهيءَ ڪري ڪيو آهي جو سوچيوسين تہ متان ڪڏهن اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي چوي تہ ’خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان اوهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟


اهڙيءَ طرح يونتن دائود جي گھراڻي سان عهد اقرار ڪيو ۽ چيائين تہ ”شل خداوند دائود جي دشمنن کان انهيءَ جو بدلو وٺي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan