يشوع 22:16 - Muslim Sindhi Bible16 هنن خداوند جي سڄي قوم پاران کين اچي چيو تہ ”اوهان بني اسرائيل جي خدا جي خلاف هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ اڄ ڪيئن اوهان خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي جو خداوند کان باغي ٿي پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ؟ Faic an caibideilSindhi Bible16 خداوند جي سڄي جماعت هيئن ٿي چوي، تہ هي ڪهڙو قصور آهي، جو اوهان اسرائيل جي خدا جي برخلاف ڪيو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن اوهان خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ڦيريو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ، انهي لاءِ تہ اوهين اڄوڪي ڏينهن خداوند کان باغي ٿيو؟ Faic an caibideil |
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.