Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 22:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جو اڌ قبيلو ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اردن درياءَ جي ويجھو جليلوت وٽ پهتا تڏهن انهن اتي ئي هڪڙي شاندار قربان‌گاهہ ٺاهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ جڏهن هو يردن جي ويجهو انهيءَ جاءِ تي پهتا، جا ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اُتي يردن جي ويجهو هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جا ڏسڻ ۾ هڪڙي وڏي قربانگاهہ هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 22:10
10 Iomraidhean Croise  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيت‌ايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيت‌ايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي.


يعقوب صبح جو سوير اٿيو. جيڪو پٿر مٿي هيٺ وِهاڻو ڪري رکيو هئائين سو يادگار بڻائي اتي کوڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ جي مٿان تيل پئٽي ان کي مخصوص ڪيائين.


انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي وچ ۾ خداوند جي هڪڙي قربان‌گاهہ قائم ڪئي ويندي ۽ ملڪ جي سرحد تي ٿنڀي جيان خداوند جي نالي جو هڪڙو نشان کڙو ڪيو ويندو.


پر جڏهن ٻين بني اسرائيل وارن کي ٻڌايو ويو تہ ”بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي ڪنعان جي سرحد تي اردن درياءَ جي ويجھو اسان بني اسرائيل واري پاسي تي قربان‌گاهہ ٺاهي آهي،“


تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan