هنن پنهنجي لاءِ خاص علائقو چونڊي کنيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اڳواڻي ڪندڙن لاءِ اهو مقرر ڪيل هو. هو قوم جي اڳواڻن سان گڏجي آيا، ۽ خداوند جي شريعت تي ۽ بني اسرائيل لاءِ سندس فيصلن تي عمل ڪيائون.“
جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“