Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 21:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل لاوين کي ڪڻن جي ذريعي اهي شهر ۽ آس‌پاس وارا چراگاهہ ڏنا، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ بني اسرائيل لاوين کي ڪڻن سان اُهي شهر سندن ٻهراڙين سميت ڏنا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 21:8
11 Iomraidhean Croise  

اي شمعون ۽ لاوي! اوهين ٻيئي ان ڳالهہ ۾ بہ ڀائر آهيو، جو اوهان جون تلوارون ظلم جا هٿيار آهن.


لعنت هجي اوهان جي ڪاوڙ تي، جيڪا ڏاڍي تيز هئي. هائو، لعنت هجي اوهان جي چڙ تي، جيڪا بيحد سخت هئي. اوهان جو اولاد پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪڻو ڪڻو ڪيو ويندو، هائو، سندن ئي ملڪ ۾ کين ڇڙوڇڙ ڪيو ويندو.


انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي.


ڪڻو وجھڻ سان جھڳڙن کي ٽاري سگھجي ٿو، ۽ طاقتورن جي وچ ۾ انهيءَ جي وسيلي فيصلو ٿئي ٿو.


تڏهن هو موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ اڳواڻن وٽ آيا ۽ موسيٰ کي چيائون تہ


اوهين اهو ملڪ پُکا وجھي پنهنجن اباڻن قبيلن موجب ورهائي کڻجو. گھڻن کي گھڻو ورثو ڏجو ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو. جنهن ماڻهوءَ جي نالي جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهيءَ کي ڏجو.


اهي شهر انهن جي رهڻ لاءِ هوندا ۽ چراگاهہ سندن چوپائي مال ۽ ٻين پالتو جانورن لاءِ هوندا.


اوهين انهن ستن حصن جو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ پوءِ آءٌ خداوند اسان جي خدا جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.


تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب لاوين کي پنهنجي ورثي مان هي شهر ۽ چراگاهہ ڏنا:


بني مراريءَ کي سندن گھراڻن موجب روبن، جد ۽ زبولون قبيلن مان ٻارهن شهر مليا.


پهريون ڪُڻو بني قهات گھراڻن مان هارون جي اولاد جي حصي تي پيو. بني اسرائيل کين يهوداہ ۽ شمعون قبيلن مان جيڪي شهر ڏنا سي هي هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan