Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 21:44 - Muslim Sindhi Bible

44 خداوند هنن کي هر طرف کان آرام ڏنو، جيئن هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. سندن سڀني دشمنن مان ڪو هڪڙو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگھيو، ڇو تہ خداوند کين سندن سڀني دشمنن تي فتح ڏني.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

44 ۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو، جيئن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين: ۽ سندن سڀني دشمنن مان هڪڙو ماڻهو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگهيو؛ خداوند سڀني دشمنن کي سندن حوالي ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 21:44
19 Iomraidhean Croise  

اهي يهوداہ وارن جي اڳيان وٺي ڀڳا، پر يهوداہ وارا انهن جي پٺيان ڪاهي پيا.


آءٌ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي فلستين جي سمنڊ تائين ۽ بيابان کان وٺي فرات نديءَ تائين اوهان جي حد مقرر ڪندس. هن ڪري جو آءٌ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو اوهان جي حوالي ڪندس ۽ اوهين انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندا.


تڏهن خداوند فرمايو تہ ”آءٌ تو سان گڏ هلندس ۽ تو کي آرام ڏيندس.“


خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو، جهڙو سرسبز ماٿريءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي.“


برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.


”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو ۽ خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏئي ۽ اوهين کين قيد ڪري وٺي اچو


انهيءَ مان سمجھي سگھجي ٿو تہ خدا جي چونڊيلن لاءِ اهڙو آرام باقي رهيل آهي، جيڪو خدا جي ستين ڏينهن واري آرام جهڙو آهي.


”خداوند جي ٻانهي موسيٰ جنهن ڳالهہ جو اوهان کي حڪم ڏنو هو سا ياد ڪريو. اُها هيءَ هئي تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اورينءَ ڀر وارو علائقو ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منجھس آرام سان رهو.


جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“


تنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگھندو. جيئن آءٌ موسيٰ سان هئس، تيئن تو سان بہ هوندس. آءٌ تو کي نڪي نا‌اميد ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس.


اهڙيءَ طرح يشوع انهن سڀني شهرن تي قبضو ڪيو ۽ اتان جي بادشاهن ۽ رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيائين، جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


پوءِ خداوند انهن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ بني اسرائيل انهن کي ماريندا ويا ۽ اتر ۾ وڏي صيدا، مسرفات‌المائم ۽ اوڀر ۾ مصفاہ جي ماٿريءَ تائين انهن جو پيڇو ڪيائون، تان جو انهن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچيو.


هنن يشوع کي وڌيڪ چيو تہ ”پڪ سان خداوند اهو سڄو ملڪ اسان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اتان جا سڀ رهاڪو اسان جي خوف کان هيسجي ويا آهن.“


خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو.


تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.


گھڻو عرصو گذري چڪو هو ۽ خداوند بني اسرائيل کي آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو. تنهن وقت ڌاري يشوع پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي ويو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan